ڪراچي (ويب ڊيسڪ)پاڪستان پيپلز پارٽي پارليامينٽرين جي اڳواڻ مخدوم جميل الزمان ميمبر قومي اسيمبلي شير افضل مروت کي پارٽي ۾ شموليت جي دعوت ڏئي ڇڏي آهي.
مخدوم جميل الزمان شير افضل مروت کي پيغام جاري ڪيو، جنهن ۾ هن چيو آهي ته اسان پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي قيادت ۾ پاڪستان کي جديد ملڪ بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون. توهان کي پنهنجي قافلي ۾ شموليت جي دعوت ڏيون ٿا
هن پيغام ۾ وڌيڪ چيو ته هو جلد اسلام آباد پهچندو ۽ شير افضل سان ملاقات ڪري کيس باقاعده پيپلز پارٽي ۾ شموليت جي دعوت ڏيندو.