لاهور (ويب ڊيسڪ) انسداد پوليو پروگرام پنجاب موجب چکوال مان هڪ ٻار ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي ۽ چکوال ۾ پوليو جو هي پهريون ڪيس آهي.
پنجاب جي انسداد پوليو پروگرام جو چوڻ آهي ته چکوال ۾ 6 ورهين جو ٻار پوليو ۾ مبتلا ٿي ويو آهي.
هلندڙ سال ملڪ ۾ پوليو متاثر ٻارن جو انگ وڌي 12 ٿي ويو آهي. بلوچستان ۾ پوليو جا 9، سنڌ ۾ 2 ۽ پنجاب ۾ 1 ڪيس رپورٽ ٿيو آهي.