ملڪ ۾ سيمينٽ وڪرو گهٽجي ويو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آل پاڪستان سيمينٽ مينوفيڪچررز ايسوسيئيشن موجب جولاءِ 2024 ۾ سيمينٽ جي وڪرو ۾ 6.81 سيڪڙو گهٽتائي آئي.

سيمينٽ مينوفيڪچررز جو چوڻ آهي ته جولاءِ 2024ع ۾ سيمينٽ جو ڪل وڪرو 30 لک 10 هزار ٽن رهيو، جولاءِ 2023 ۾ 32 لک 30 هزار ٽن سيمنٽ وڪرو ٿيو هو.

سيمينٽ مينوفيڪچررز موجب، جولاءِ ۾ سيمينٽ جو مقامي وڪرو 24 لک 63 هزار ٽن رهيو، جيڪو گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 11.41 سيڪڙو گهٽ آهي.جولاءِ 2024ع ۾ سيمنٽ جي ايڪسپورٽ ۾ 21.65 سيڪڙو اضافو ٿيو ۽ 5 لک 47 هزار 162 ٽن سيمنٽ ايڪسپورٽ ڪيو ويو، جڏهن ته جولاءِ 2023ع ۾ سيمينٽ جي ايڪسپورٽ 4 لک 49 هزار 792 ٽن هئي.

سيمينٽ مينوفيڪچررز ايسوسيئيشن جو چوڻ آهي ته حڪومت کي ٽيڪس پاليسي تي نظرثاني ڪرڻ گهرجي ڇو ته سيمينٽ جو شعبو ڪاروبار ڪرڻ جي لاڳت ۽ اعليٰ ٽيڪسن سبب سخت متاثر ٿيو آهي.هنن جو وڌيڪ چوڻ هو ته سيمنٽ ٽئين شيڊول ۾ آهي ۽ سيلز ٽيڪس سيمينٽ ٺاهيندڙن طرفان ڏنو ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.