ٻارن کي اسڪول جي ٽائيم موبائل استعمال ڪرڻ کان روڪڻ لاءِ نئون فيچر متعارف

ڪليفورنيا (ويب ڊيسڪ)گوگل نئون اسڪول ٽائيم فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي، جيڪو ٻارن کي وڌيڪ فون استعمال ڪرڻ کان روڪڻ ۾ مددگارثابت ٿيندو. ٻارڙن پاران گهڻو موبائل استعمال ڪرڻ سبب والدين اڪثر پريشان رهندا آهن، ڇو ته ٻارن جي موبائل فون جي گهڻي استعمال سان تعليمي سرگرميون متاثر ٿينديون آهن.

گوگل والدين جي ان پريشاني کي گهٽائڻ لاءِ نئون اسڪول ٽائيم نالي فيچر متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي، اهو فيچر اينڊرائيڊ ۽ اسمارٽ فونز لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي.

ان فيچر ذريعي والدين پنهنجي ٻارڙن جي موبائل فيچرز کي مقررڪيل وقت تائين محدود ڪري سگهن ٿا والدين فيملي لنڪ پيرنٽل ڪنٽرولز ايپ ذريعي ٻارڙن جي موبائل، ٽيبليٽس ۽ اسمارٽ واچن تي اسڪول ٽائيم فيچراستعمال ڪري سگهن ٿا.

جڏهن ته اڃا تائين گوگل پاران اهو واضع ناهي ڪيو ويو ته ڪهڙن اينڊرائيٽ ڊوائيزن تي هي فيچر ڪم ڪندو. ياد رهي ته Family Link گوگل جواهڙو پورٽل آهي جنهن ذريعي والدين پنهنجي موبائل ڊوائيسز جي سرگرمين کي ڪنٽرول ڪري سگهن ٿا. فيملي لنڪ ايپ کي 2022 ۾ ٻيهر ڊزائين ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.