ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪارا تبو بالي ووڊ جي مرد ادڪارن کي فلمن لاءِ وڌيڪ معاوضو ملڻ تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي تبو چيو ته هر صحافي عورت فنڪارن کان اِهو ئي سوال ڇو ڪندو آهي ته عورتن جي ڀيٽ ۾ مرد فنڪارن کي وڌيڪ معاوضو ڏنو ويندو آهي.
تبو سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته اوهان مون کان اِهو سوال ڇو پڇي رهيا آهيو؟ مان ان سوال جو جواب ڪيئن ڏيان؟ اوهان انهن ماڻهن کي ڇو نٿا پڇيو جيڪي مرد فنڪارن کي وڌيڪ معاوضو ڏئي رهيا آهن.
اداڪارا چيو ته اوهان مرد اداڪارن کان اِهو سوال ڇو نٿا ڪريو ته اوهان کي وڌيڪ معاوضو ڇو ڏنو ويندو آهي؟ اوهان اهڙو ڇا ڪندا آهيو جو اوهان کي عورتن جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ معاوضو ڏنو ويندو آهي؟
سندس چوڻ هوته هوءَ سمجهي ٿي ته صحافي ڄاڻي واڻي عورتن کان اِهو سوال پڇي ان مسئلي کي سنسني خير بڻائڻ جي ڪوشش ڪن ٿا.
تبوءَ صحافين جو وات بند ڪندي وڌيڪ چيو ته مون کي جيترو به معاوضو ملندو آهي، منهنجي حساب سان ٺيڪ آهي انڪري ٻيهر اهڙو سوال نه پڇجو.
You might also like