هاڻي ماڻهو کڻڻ جو ڪم حڪومت پاليسي موجب ڪري ٿي؟ اسلام آباد هاءِ ڪورٽاڳي ماڻهو کڻڻ لاءِ ايس ايڇ او کي چيو ويندو هو

اسلام آباد(م ڊ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شهباز گل جي اغوا ٿيل ڀاءُ کي بازياب ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي کيس 6 آگسٽ تائين عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي،  اسلام آباد جي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب ڊاڪٽر شهباز گل جي گم ٿيل ڀاءُ غلام شبير جي بازيابي بابت درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته هن عدالت گذريل ٻڌڻي تي يرغمالي کي پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، شهباز گل چيو آهي ته ايجنسين کيس چيو ته تنهنجو ڀاءُ اسان وٽ آهي، پي ٽي آءِ جي باني جي حمايت ۾ ويلاگ ٺاهڻ بند ڪريو، عدالت چيو ته ضمانت ڏيڻ کانپوءِ ٻاهر اچي ويندو، پر توهان ملڪ سان ڇا پيا ڪريو؟ اسٽيٽ ڪائونسل عبدالرحمان چيو ته ادارن جي رپورٽن موجب يرغمالي سندن قبضي ۾ ناهي.، جسٽس ميان گل حسن رمارڪس ڏنا ته بچاءَ واري وزارت ۾ اها جرئت آهي ته ان معاملي ۾ وڃي؟ هاڻي جيڪڏهن سخت حڪم ڏيون ٿا ته پوءِ ججن خلاف ڪارروائي شروع ٿي وڃي ٿي، اڳي ماڻهو کڻڻ لاءِ ايس ايڇ او کي چيو ويندو هو، هاڻي اهو ڪم حڪومت پاليسي موجب ڪري ٿي؟ هن پبلڪ پراسيڪيوٽر کي مخاطب ٿيندي چيو ته هن عدالت جا جذبات ڪنهن کي ٻڌائيندو؟ حڪومتي وڪيل جواب ڏنو ته چيف ڪمشنر ۽ آءِ جي اسلام آباد آئون پاڻ ٻڌائيندس. ان تي جسٽس ميان گل حسن اورنگزيب رمارڪس ڏيندي چيو ته هنن کي اسان جي ڳالهه جي پرواهه ناهي، هنن جي کل مضبوط آهي، هاڻي عدالتون ڇا ٿيون ڪري سگهن؟ جڏهن ادارا چون ته کين خبر ناهي، اها انتهائي خطرناڪ صورتحال آهي، رياست چوي ٿي ته اسان کي خبر ناهي ته ماڻهو ڪٿي آهي، پر ڪجهه به نه ڪنداسين، ٻڌڻي دوران جسٽس ميان گل حسن اسٽيٽ ڪائونسل کي مخاطب ٿيندي چيو ته مون وٽ چيمبر ۾ اچو، مان توهان کي پنهنجي ڊگري ڏيکاريندس، اها حقيقي آهي، توهان کي ڳولڻ جي ضرورت ئي نه پوندي، جيڪڏهن توهان کي منهنجي اثاثن جا تفصيل گهرجن. مان اهي به ڏيندس، عدالت يرغمالي کي بازياب ڪرائي 6 آگسٽ تائين عدالت ۾ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو ۽ حڪم نامو وزيراعظم شهباز شريف سامهون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.