ڪوئيٽا(م ڊ) گوادر ۾ ضلعي انتظاميا ۽ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون، بلوچستان حڪومت ۽ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي وچ ۾ 7 نقاطي معاهدو ٿي ويو، جنهن تي عمل ڪندي 70 ڪارڪنن کي آزاد ڪيو ويو ۽ مظاهرين سڄي صوبي ۾ هنيل ڌرڻا ختم ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.ان موقعي تي بلوچستان جو گهرو وزير ضياءُ الله لانگو، صوبائي وزير مير ظهور بليدي به ڊپٽي ڪمشنر هائوس ۾ موجود هئا، صوبائي گهرو وزير دعويٰ ڪئي آهي ته بلوچ يڪجهتي ڪميٽي ۽ انتظاميه وچ ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن، بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جا عهديدار سڄي صوبي ۾ ڌرڻا ختم ڪندا، ڳالهين ۾ حق ڏيو تحريڪ جي چيئرمين حسين واديلا، بلوچستان نيشنل پارٽي (بي اين پي) مينگل جي ماجد سورابي، جميعت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) جي مولانا عبدالحميد ۽ ٻين اڳواڻن ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪيو، گهرو وزير مير ضيا لانگو چيو آهي ته هو بلوچستان جي وڏي وزير جي هدايت تي 4 ڏينهن کان گوادر ۾ هو، احتجاج دوران حڪومت، انتظاميه ۽ ادارن صبر جو مظاهرو ڪيو، هن چيو ته مان عوام کي اپيل ڪريان ٿو ته احتجاج ضرور ڪن، پر احتجاج جي آڙ ۾ ملڪيتن کي نقصان، فورسز تي حملا ۽ عام ماڻهن کي تڪليف نه پهچائين، احتجاج جي آڙ ۾ قانون کي هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون. رپورٽ موجب بلوچستان حڪومت ۽ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي وچ ۾ 7 نڪتن تي ٻڌل معاهدو ٿيو آهي، جنهن تي ڊپٽي ڪمشنر گوادر حمود الرحمان ۽ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي اڳواڻ ماهه رنگ بلوچ صحيحون ڪيون آهن، معاهدي جي متن ۾ چيو ويو آهي ته ڌرڻو ختم ڪرڻ کان اڳ بلوچستان ۽ ڪراچي ۾ گرفتار ٿيل ماڻهن کي آزاد ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ويندو، معاهدي موجب بلوچستان حڪومت سنڌ حڪومت سان رابطو ڪندي سنڌ ۾ گرفتار ٿيل ماڻهن جي آزاديءَ کي يقيني بڻائيندي، ميڙاڪي دوران داخل ڪيل سمورا ڪيس واپس ورتا ويندا، معاهدي جي شرطن موجب جن ڪيسن ۾ جاني نقصان ٿيو آهي انهن کي رد نه ڪيو ويندو، ڌرڻو ختم ٿيندي ئي سموريون شاهراهون کوليون وينديون ۽ 2 ڪلاڪن کانپوءِ موبائيل نيٽ ورڪ پڻ بحال ڪيو ويندو، معاهدي جي متن ۾ چيو ويو آهي ته انتظاميا جي عملدارن ۽ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي تي ٻڌل ڪميٽي جوڙي ويندي، حڪومت جي قبضي ۾ موجود سمورو سامان هڪ هفتي اندر واپس ڪيو ويندو، جڏهن ته ڌرڻا ختم ٿيڻ کانپوءِ ڪنهن کي به تنگ نه ڪيو ويندو، احتجاج دوران مارجي ويلن ۽ زخمين جا ڪيس سندن وارثن جي مرضي موجب داخل ڪيو ويندو، معاهدي موجب گوادر ۾ مرين ڊرائيو تي هينل ڌرڻو ختم ٿيندي ئي صوبي جي ٻين علائقن ۾ ڌرڻا ختم ڪيا ويندا، ڪنهن به ڌر جي خلاف انتقامي ڪارروائي نه ڪئي ويندي، ٻي پاسي ڊي سي گوادر جو چوڻ هو ته بلوچستان حڪومت جي بلوچ يڪجهتي ڪميٽي سان ٿيل معاهدي تي عمل شروع ٿي ويو آهي ۽ 70 ڪارڪنن کي آزاد ڪيو ويو آهي، بلوچستان جي گهرو کاتي موبائل نيٽ ورڪ سميت مواصلاتي نظام جي بهتري لاءِ وفاقي گهرو کاتي کي خط به لکي ڇڏيو آهي.