ڪراچي (رپورٽر) گوادر ۾ ماهرنگ بلوچ جي اڳواڻي لڳل ڌرڻي جي مظاهرين مٿان ٿيندڙ ظلم خلاف ڪراچي ۾ احتجاج جاري رهيو، بلوچ يڪجهتي ڪميٽي پاران ڪراچي آرٽ ڪائونسل کان ڪراچي پريس ڪلب ريلي ڪڍي وئي ته پوليس ڪاوڙجي پئي، مظاهرين کي آرٽ ڪائونسل وٽ روڪي ڇڏيو، مظاهرين مٿان لاٺي چارج ڪئي فوزيا بلوچ، ندا ڪرماڻي ۽ ٻيا ڪيترائي ڪارڪن گرفتار ڪي ويا، بلوچ يڪجهتي ڪميٽي طرفان احتجاجي مظاهرو ڪري آرٽ ڪائونسل روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو، مظاهرين طرفان سخت نعريبازي ڪئي وئي جنهن بعد پوليس طرفان بلوچ مظاهرين کي رستو ڏنو جيڪي آهستا آهستا پريس ڪلب ڪراچي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي احتجاجي مظاهرو ڪندڙ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي مظاهرين عديل بلوچ، مهوش بلوچ، سسئي بلوچ ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان آرٽ کان ڪراچي پريس ڪلب تائين پر امن مظاهرو ڪري رھيا هئاسين ته پوليس طرفان اسان مٿان لٺبازي ڪري ڪڙڪي پئي اسان جي عورتن مردن کي 20 مٿي گرفتار ڪيو ويو آهي. اسان جو ڏوهه بس اهو آهي ته اسان پنهنجي پيارن جي آزادي گهري رهيا آهيون ۽ پنهنجا حق گهرون ٿا ان لاءِ اسان جي آواز کي دٻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي. هنن مطالبو ڪيو ته بلوچ يڪجهتي ڪميٽي طرفان گوادر ۾ هنيل ڌرڻي جي مظاهرين مٿان ٿيندڙ ظلم بند ڪيو وڃي، جيڪي به بلوچستان جي کنڀي گم ڪيل ماڻهو کي آزاد ڪيو وڃي، رستا کوليا وڃن، انٽرنيٽ جي سهولت بحال ڪئي وڃي، بلوچستان جي ماڻهن کي انهن جا حق ڏنا وڃن. ٻئي طرف پريس ڪلب آڏو بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي مظاهرين طرفان مظاهرو جاري رهيو. رات دير سان پوليس ۽ سيڪيورٽي اهلڪار ٻيهر ڌرڻي مٿان ڪڙڪي پيا، بلوچ يڪجهتي اڳواڻن موجب عورتن جي تزليل ڪئي وئي 50 کان مٿي مرد ۽ عورتون گرفتار ڪيا ويا آهن. هنن چيو ته جيستائين گرفتار مظاهرين آزاد نه ٿا ڪيا وڃن تيستائين احتجاج جاري رهندو. پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهري دوران پوليس جي نفري موجود رهي.ٻي پاسي پوليس جي ڪرڪ ڊائون جون وڊيوز ۽ تصويرون سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويون آهن، سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪيل هڪ وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پوليس ندا ڪرماني کي وين ۾ کڻي وڃي رهي آهي ۽ ان دوران هڪ سوال جي جواب ۾ ندا ڪرماني کي اهو چوندي ٻڌو پيو وڃي ته هو پنهنجي مطالبي ۽ مقصد تان پوئتي نه هٽندي.