اسلام آباد (م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته پاور سيڪٽر ۽ ايف بي آر کي ڪرپشن کان پاڪ ڪرڻو پوندو جيڪڏهن اِهي ٻئي ادارا ٺيڪ نه ٿيا ته ملڪ جو ٻيڙو ٻڏي سگهي ٿو. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته بجلي جي بحران تي ضابطو آڻڻ لاءِ سندن ڪوششون جاري آهن، نواز شريف جي دور ۾ بجلي جا منصوبا لڳائڻ تي ڪم شروع ڪيو ويو ۽ حڪومت ايل اين جي جا چار پلانٽس لڳايا جيڪي سستا ترين پلانٽس هئا ۽ پلانٽس ذريعي پنج هزار ميگا واٽ بجلي ٿئي ٿي. سندس چوڻ هو ته بجلي واري معاملي تي سياست حقيقت ۾ عوامي مينڊيٽ جي توهين آهي ان بحران کي حل ڪرڻ اتحادي حڪومت جي اهم ترين ايجنڊا آهي. هن چيو ته سمورين وزارتن کي گڏيل طور عوام کي آگاهي ڏيڻ گهرجي ته بجلي بحران جي خاتمي لاءِ حڪومت طرفان ڪهڙا ڪهڙا قدم کنيا ويا آهن، جڏهن ته سوين ڊيم ٺاهڻ جي داعويدارن هڪ به ڊيم ناهي ٺاهيو ڳالهيون ڪرڻ سولو آهي ڪم ڪرڻ ڏاڍو ڏکيو آهي. وزيراعظم وڌيڪ چيو ته پاور سيڪٽر ۽ ايف بي آر کي ڪرپشن کان پاڪ ڪرڻو پوندو، جيڪڏهن اِهي ٻئي ادارا ٺيڪ نه ٿيا ته ملڪ جو ٻيڙو ٻڏي ويندو. هن چيو ته ان مسئلي کي حل ڪرڻ لاءِ بلوچستان ۾ 70 ارب رپين جو منصوبو شروع ڪيو ويو آهي. ان لاءِ ڪنهن آواز اٿاريو آهي، جيڪي اڄ ڌرڻا هڻي رهيا آهن. جيڪڏهن انهن لاءِ آواز نه اٿاريو وڃي ته پوءِ اها سياست ئي سياست آهي. وزيراعظم چيو ته نگران حڪومتي دور ۾ بجلي چوري روڪڻ لاءِ قدم کنيا ويا. ان سلسلي ۾ ڪمانڊر ان چيف جو به غير متزلزل عزم هو، ان جو نوٽيس ورتو ويو ۽ ان جا نتيجا نڪرندا. سنڌ ۽ پنجاب صوبا بجلي چوري جي حوالي سان توانائي واري وزارت سان سهڪار ڪري رهيا آهن. ان حوالي سان آرمي چيف جو عزم پاڪستان جهڙي ملڪ ۾ جيڪو اسان جي تاريخ آهي،اڪيلائي ۾ ڪجهه به نه ٿيندو آهي. هن چيو ته جيڪي ٽيڪس لڳايا ويا آهن انهن مان ڪجهه جائز آهي ۽ جيڪڏهن اسان پنهنجو ٽيڪس بيس نه وڌايو ته معاملو مڪمل طور تي ختم ٿي ويندو پر ان جو وڌيڪ بار پگهاردار طبقي تي وجهڻ جوڳو ناهي مون کي مڪمل طور تي ڄاڻ آهي ته ٽيڪس شامل آهي.