گھوٽڪي (رپورٽ: محمد يوسف منگي ) رات دير سان پيڙا کپائيندڙ سڪندر علي ملڪ ۽ ادريس ملڪ پورهيو ڪري گهر واپس وڃي رهيا هئا ته هٿياربندن حملو ڪيو هٿياربندن ٻنهي نوجوانن تي تشدد ڪيو نوجوان ادريس هٿياربندن کان فصل ۾ فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو جڏهن ته هٿياربندن پورهيت سڪندر ملڪ کي موٽر سائيڪل سميت اغوا ڪري ڪچي طرف فرار ٿي ويا اھڙو اطلاع ٻي سيڪشن پوليس کي ڪيو ويو پوليس واقعي واري هنڌ پهتي جڏھن ته مغوي جا وارث ۽ پوليس پيرا کڻي ڪچي طرف روانا ٿي ويا، آخري اطلاعن تائين نوجوان بازياب نه ٿي سگهيو نوجوان جي وارثن ڊي آئي جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کان مطالبو ڪيو ته نوجوان کي بازياب ڪرائي ڏنو وڃي ٻئي صورت ۾ اسان سخت احتجاج ڪنداسين .