حڪومت پاران فلسطينين سان ايڪتا لاءِ اڄ يوم سوڳ ملهائڻ جو اعلان

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته سڄي دنيا تهران ۾ ٿيل واقعي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿي، نيتن ياهو کليل طور تي ظلم ڪري رهيو آهي. فلسطين جي تازي صورتحال تي حڪومت ۽ اتحادي پارٽين پاران گڏيل بيان جاري ڪيو ويو، وزيراعظم جي صدارت هيٺ اسرائيلي حڪومت ۽ اتحادي پارٽين وچ ۾ فلسطينين تي ظلمن تي مشاورتي اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ مسلم ليگ ن، پيپلز پارٽي، بلوچستان عوامي پارٽي، ايم ڪيو ايم، استحڪام پارٽي، ق ليگ ۽مسلم ليگ ضياءَ جي اڳواڻن ۽ سينيئر نمائندن شرڪت ڪئي، وزيراعظم اجلاس ۾ شرڪت تي شرڪت ڪندڙن جا ٿورا مڃيا.  شرڪت ڪندڙن فلسطين ۾ بيگناهه ماڻهن تي اسرائيلي ظلمن تي ڏک جو اظهار ڪيو ۽ اسرائيلي ظلمن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي. جڏهن ته اڄ سڄي ملڪ ۾ يوم سوگ ملهائڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. اجلاس ۾ فلسطيني ڀائرن سان يڪجهتي لاءِ پارليامينٽ ۾ خصوصي قرارداد پيش ڪرڻ ۽ فلسطيني ڀائرن سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ ملڪ بهارا اسماعيل هانيه جي غائبانا جنازي نماز ادا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو. شرڪت ڪندڙن چيو ته فلسطين ۾ اسرائيل گڏيل قومن جي ٺهرائن جي ڀڃڪڙي ڪري رهيو آهي ۽ عالمي برادري خاموش تماشائي بڻيل آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.