تهران(م ڊ) تهران ۾ ”حماس“ جي شهيد اڳواڻ اسماعيل هنيه جي قتل تي پاڪستاني پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل مذمتي بيان ۾”اسرائيل“ جو نالو هٽائڻ تي سخت تنقيد ڪئي وئي آهي. اسماعيل هانيه جي شهادت تي عالم اسلام ان عمل جي کليل لفظن ۾ مذمت ڪئي ۽ اسرائيل کي تنقيد جو نشانو بڻايو پر ڪجهه ملڪن اسرائيل جو ذڪر نه ڪرڻ ۾ عافيت محسوس ڪئي. بهرحال سڀ کان منفرد ڪم پاڪستاني حڪومت ڪيو. 31 جولاءِ 2024 تي پاڪستان جي پرڏيهي معاملن واري وزارت جي سرڪاري ”X“ اڪائونٽ تي هڪ پريس رليز جاري ڪئي وئي، جنهن ۾ تهران ۾ اسماعيل هانيه جي قتل جي مذمت ڪئي وئي. پر پريس رليز کي جلدي حذف ڪيو ويو ۽ لفظ جي تبديلي سان ٻيهر جاري ڪيو ويو، جنهن سوشل ميڊيا استعمال ڪندڙن جو ڌيان ڇڪايو. پرڏيهي آفيس طرفان جاري ڪيل شروعاتي پريس رليز ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان حماس جي سياسي ونگ جي سربراهه اسماعيل هانيه جي تهران ۾ قتل جي سخت مذمت ڪري ٿو. پاڪستان خطي ۾ وڌندڙ اسرائيلي جارحيت تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي. تازو عمل اڳ ۾ ئي غير مستحڪم علائقي ۾ هڪ خطرناڪ واڌارو آهي جيڪو امن جي ڪوششن کي نقصان پهچائي ٿو. ان پريس رليز کي هٽائڻ جي ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل نئين پريس رليز ۾ ساڳيو متن رکيو ويو، پر صرف هڪ لفظ حذف ڪيو ويو، جنهن سڄي متن کي تبديل ڪري ڇڏيو. نئين پريس رليز ۾ لفظ ”اسرائيل“ هٽائي صرف ”جارحيت“ استعمال ڪيو ويو. ڊليٽ ٿيل پريس رليز ۽ نئين پريس رليز جا هڪ ئي وقت اسڪرين شاٽ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهيا آهن، جنهن تي ايڪس يوزرز طرفان سخت رد عمل سامهون اچي رهيو آهي. هڪ صارف ڪاوڙ جو اظهار ڪندي لکيو ته ”شرم ۾ ٻڏي وڃو ، پاڪستان کي اهڙي موڙ تي آندو ويو آهي جتي اسرائيل جارحيت جي مذمت به نٿو ڪري سگهي. هڪ ٻئي صارف لکيو ته ”هي رياست صهيونين جي ڪٺ پتلي بڻجي وئي آهي، خدا هن ملڪ ۽ ان جي عوام تي رحم ڪري“. هڪ ٻئي ’ايڪس‘ صارف لکيو ته ’هي بيانيو اسان جي جمهوريت جيترو ڪمزور آهي‘.