اسلام آباد(عبدالقيوم صديقي) نوابشاهه سان تعلق رکندڙ سپريم ڪورٽ جي ايڊووڪيٽ سجاد گوپانگ چيو آهي ته منهنجي اصيل تي ڪوٽڙي ۾ منشيات جو ڪيس داخل ڪيو ويو، اتي ٻن پوليس آفيسرن خلاف اسان هاءِ ڪورٽ ۾ پٽيشنز داخل ڪيون آهن ڇو ته انهن منهنجي اصيل عبيدالله ۽ سندس گهرڀاتين کي بيگناهه ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسايو پر اهي سڀني مان بري ٿي ويا، هن چيو ته جسٽس منصور علي شاهه ٻڌڻي دوران چيو ته جوابدار عبيدالله خلاف 14 ڪيس آهن جنهن سبب هاءِ ڪورٽ هن جي ضمانت رد ڪئي آهي،توهان جو موڪل ضمانت جو حقدار ناهي،هن چيو ته مون پنهنجي پٽيشن ۾ پي ايل ڊي سپريم ڪورٽ 2017 جي ججمينٽ جو حوالو ڏنو،جنهن تي جسٽس منصور علي شاهه مسڪرائي چيو ته اها ته پراڻي ڳالهه آهي اسان نئين ججمينٽ ڏينداسين،مون چيو ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان خلاف 200 ڪيس داخل آهن،آرٽيڪل 25 تحت غريب عبيدالله ۽ عمران خان ٻئي برابر آهن، جنهن تي بئنچ جا ميمبر کلي پيا ته اهو ڪهڙو عبيدالله آهي جيڪو اڳوڻي وزيراعظم جي برابر اچي رهيو آهي، هن چيو ته عمران خان ته ديسي مرغي کائي ٿو،منهنجو اصيل ته غريب ويچارو دال کائي ٿو ،دال واري کي ته ضمانت جو پهريون حق آهي،هن چيو ته عمران خان هجي يا آصف زرداري يا نوازشريف انهن خلاف ڪيترن ئي ڪيسن باوجود کين ضمانت ملي وڃي ٿي،جسٽس منصور علي شاهه وڏي دل جو مظاهرو ڪيو