پارا چنار واقعي تي ايران جو بيان غير ضروري آهي: پرڏيهي ترجمان

اسلام آباد(م ڊ) پاڪستان پارا چنار ۾ قبائلي تڪرار بابت ايران جي بيان کي غير ضروري قرار ڏئي ڇڏيو آهي.هوڏانهن هفتيوار پريس بريفنگ ڏيندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته پارا چنار تي ايراني پرڏيهي وزارت جو بيان غير ضروري آهي. هن چيو ته ڪنهن به انسان جو قتل ناقابل برداشت آهي، پاڪستان جي ذميواري آهي ته هو پنهنجي شهرين جي حفاظت کي يقيني بڻائي. پارا چنار تي ايران جو بيان غير ضروري آهي. هي بيان پارا چنار جي مڪمل صورتحال جو احاطو نٿو ڪري. گهرو وزارت ان تي ڪم ڪري رهي آهي، ماڻهن کي شيڊول 4 ۾ شامل ڪرڻ قانوني عمل آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته پاڪستان اسماعيل هانيه جي قتل جي جاچ جو انتظار ڪري رهيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته بيروت ۾ حملو لبنان جي خودمختياري جي خلاف ورزي آهي. هن چيو ته خطي جي صورتحال تي سخت خدشا آهن، سلامتي ڪائونسل کي اسرائيل جو احتساب ڪرڻ گهرجي. ان کانسواءِ پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته جاچ کانپوءِ افغان حڪومت ٽي ٽي پي خلاف ڪارروائي ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.