اسلام آباد (م ڊ) اسلام آباد جي عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ رئوف حسن کي پيڪا ايڪٽ تحت داخل ڪيس مان آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اسلام آباد جي پيڪا ايڪٽ جي عدالت جي جج عباس شاهه رئوف حسن خلاف انٽرنيٽ تي دهشتگردي بابت انفارميشن ٺاهڻ، پکيڙڻ ۽ ڌماڪي جي ڪيس ۾ گرفتاري کانپوءِ واري ضمانت تي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ پي ٽي آءِ وڪيل علي بخاري، مرزا عاصم بيگ ۽ سردار مصروف عدالت ۾ پيش ٿيا. عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ رئوف حسن جي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي ۽ کيس پيڪا ايڪٽ تحت داخل ڪيس ۾ آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو. پيڪا ايڪٽ تحت داخل ڪيس ۾ ضمانت ملڻ باوجود رئوف حسن جي آزادي ممڪن نه ٿي، هو دهشتگردي ٽوڙ عدالت طرفان ٻن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي سي ٽي ڊي جي تحويل ۾ آهي.