بيروت (م ڊ) حزب الله جي سربراهه حسن نصرالله جو چوڻ آهي ته اسرائيل حزب الله ۽ حماس جي اڳواڻن کي شهيد ڪري مزاحمتي تحريڪ روڪڻ جو خواب ڏسي رهيو آهي، حزب الله پنهنجون ڪارروايون ٻيهر بحال ڪندي. بيروت ۾ حزب الله جي سينيئر ڪمانڊر فواد علي شڪر جي جنازي نماز کان اڳ خطاب ۾ هن چيو ته حماس ڪنهن به صورت ۾ اسرائيل آڏو گوڏا نه کوڙيندو، حزب الله ۽ حماس مزاحمت ۾ گڏ آهن.