ڪوئيٽا (م ڊ) گوادر جي مئرين ڊرائيو تي بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جو احتجاجي ڌرڻو پنجين ڏينهن به جاري آهي. ٻئي طرف احتجاج جي شدت ۾ اضافو ڪندي بلوچ يڪجهتي ڪميٽي بلوچستان جي راڄڌاني ڪوئيٽا ۾ شٽر ڊائون ۽ ڦيٿا جام هڙتال جو اعلان ڪيو هو، جنهن کانپوءِ شهر جي مختلف علائقن سرياب روڊ، قمبراڻي روڊ، ارباب ڪرم خان روڊ، بروري روڊ تي ڌرڻو هنيو ويو. ۽ اوڀر ۽ مغربي بائي پاس ۾ دڪان جزوي طور بند آهن. مستونگ، قلات، دالبندين، چاغي سميت صوبي جي ٻين ضلعن ۾ چوٿين ڏينهن به مڪران ڊويزن جي مختلف علائقن ۾ ڪاروباري سرگرميون معطل رهيون، جڏهن ته گوادر ۾ دڪان بند هجڻ سبب خوراڪ جي کوٽ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي. گذريل ڇهين ڏينهن کان ڪوئيٽا ڪراچي نيشنل هاءِ وي قلات ۽ حب ۾ بند آهي، جڏهن ته مڪران ڪوسٽل هاءِ وي تي به ٽريفڪ معطل آهي، جنهن سبب ايران کان واپس ايندڙ زائرين گذريل 6 ڏينهن کان تفتان ۾ ڦاٿل آهن. هوڏانهن سوشل ميڊيا تي ماهه رنگ بلوچ ۽ ٻين جي گرفتارين جا اطلاع آهن، ڪجهه وڊيو به جاري ٿيون آهن پر تصديق نه ٿي سگهي آهي. ٻئي طرف بلوچ رڪجهتي ڪميٽي ٽوڙي ماهه رنگ بلوچ واضح ڪيو آهي ته حڪومت ڳالهين جو ڍونگ رچائڻ گهري ٿي، هنن چيو ته بلوچ ميڙاڪي ۾ ايندڙن جا رستا کولي گرفتار ۽ گم ڪيلن کي آزاد ڪيو وڃي ته ڌرڻو ختم ڪيو ويندو.