اسلام آباد (م ڊ) سپريم ڪورٽ ۾ صحافي ارشد شريف قتل تي پاڻمرادي نوٽيس ڪيس ۾ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪاميٽي لارجر بينچ جوڙي ڇڏي. ٻڌڻي لاءِ جسٽس جمال مندوخيل جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجربينچ قائم ڪئي وئي جنهن ۾ جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس عائشا ملڪ، جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس اطهر من الله شامل آهن. ذريعن موجب فيصلو ٻه هڪ جي تناسب سان ٿيو. چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جسٽس منصور علي شاهه جي 3 رڪني بينچ برقرار رکڻ جي راءِ ڏني. جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس منيب اختر 5 رڪني بينچ جي راءِ ڏني. ڪاميٽي جي نئين بينچ ججز جي موجود هجڻ تي ٻڌڻي ڪندي.