چوڌري پرويز الاهي بيمار ٿيڻ سبب اسپتال منتقل

لاهور (م ڊ) پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي کي طبعيت خراب ٿيڻ تي معائني لاءِ اسپتال نيو ويو. ڊاڪٽرن جي ٽيم 45 منٽن تائين اڳوڻي وڏي وزير جو معائنو ڪيو، سندس ايڪو ڪارڊيو گرام ۽ دل جون ٽيسٽون ڪيون ويون. چوڌري پرويز الاهي جا بلڊ سيمپل ورتا ويا، کيس پاسيرين ۾ فريڪچر جي ڪري ساهه کڻڻ ۾ به ڏکيائي ٿي رهي آهي. ڊاڪٽرن جي ٽيم کيس آرام جي صلاح ڏني. ٽيسٽن جا نتيجا اچڻ تي وڌيڪ علاج جو فيصلو ڪيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.