لاهور (م ڊ) پنجاب جي راڄڌاني لاهور ۾ برسات جو 44 سالن جو رڪارڊ ٽٽي ويو. مختلف علائقن نشٽر ٽائون، لڪشمي چوڪ، تاج پورا، جوهر ٽائون ۾ برسات سبب گهرن ۾ پاڻي داخل ٿي ويو. واسا موجب 44 سالن ۾ سڀ کان وڌيڪ برسات ايئرپورٽ تي 357 ملي ميٽر جڏهن ته نشٽر ٽائون ۾ 299 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي. لڪشمي چوڪ ۾ 211، تاجپورا ۾ 240 ۽ جوهر تائون ۾ 270 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي. موسميات کاتي موجب برساتن جو سلسلو 6 آگسٽ تائين جاري رهڻ جو امڪان آهي. ٻئي پاسي شهر جي ٽن وڏين اسپتالن جي مختلف وارڊز ۾ برساتي پاڻي داخل ٿي ويو، ميو اسپتال، سروسز ۽ جنرل اسپتال ۾ مريض ۽ تيماردار پريشان ٿي ويا. برسات سبب بجلي جو نظام متاثر ٿيو، 288 فيڊرز ٽرپ ٿي ويا. ليسڪو موجب فيلڊ اسٽاف طرفان بجلي بحالي جو ڪم ڪيو پيو وڃي.