ميرپورماٿيلو (رپورٽ: خالد وسير) روزاني عوامي آواز جي رپورٽر شهيد نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس بابت ميرپورماٿيلو عدالت ۾ ٻڌڻي ٿي، ان دوران جوابدار پ پ ايم اين اي خالد لُنڊ، سندس پٽ شهباز لُنڊ ۽ نور محمد لُنڊ عدالت ۾ پيش ٿيا، جڏهن ته ڪيس جي فريادڻ شهيد جي امڙ امان پٺاڻي پڻ عدالت ۾ حاضر ٿي، ڪيس جو جاچ آفيسر سراج لاشاري به حاضر ٿيو، پوليس ڪيس ۾ گرفتار جوابدار اصغر لنڊ کي پڻ عدالت ۾ پيش ڪيو، عدالت ٻڌڻي دوران پ پ ايم اين اي خالد لُنڊ ۽ سندس پٽن جي ڪچي ضمانت ۾ 17 آگسٽ تائين واڌ ڪري ڇڏي، عدالت ٻاهران شهيد نصرالله گڏاڻي ڪيس جي وڪيل صلاح الدين پنھور ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ڪيس ۾ وڪالت نامو فائل ڪري ڇڏيو آهي ۽ ڪيس جي جاچ به هلندڙ آهي ان سان گڏوگڏ اسان عدالت ۾ هڪ پٽيشن داخل ڪرائي آهي ته ڪيس جا جوابدار سوين گاڏين جي پروٽوڪول ۾ عدالت اچن ٿا ۽ شهيد نصرالله گڏاڻي جي گهرن وارن ۽ اسان جي رستا روڪ ڪن ٿا، قتل ڪيس جا جوابدار عدالت ۾ ائين پروٽوڪول ڇو ٿا وٺي اچن، وڪيل صلاح الدين پنھور چيو ته بااثر جوابدار حراسمينٽ ڪرڻ لاءِ اهڙا حربا استعمال ڪن ٿا، جنهن مان شهيد نصرالله جي وارثن کي خطرو آهي، اهڙي پٽيشن عدالت ۾ داخل ڪرائي آهي جنهن تي عدالت ڊي آءِ جي سکر ۽ ايس ايس پي گهوٽڪي کي حڪم ڪيو آهي. ٻئي طرف ڪيس جي جاچ آفيسر سراج لاشاري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ڪيس جي جاچ مڪمل ٿي چڪي آهي ٻن يا ٽن ڏينهن اندر چالان عدالت ۾ پيش ڪنداسين، هن چيو ته ڪيس ۾ جوابدار ڄاڻايل خالد لنڊ ۽ سندس پٽن جا بيان پڻ ورتا ويا آهن ۽ هڪ سوال جي جواب ۾ سراج لاشاري چيو ته منهنجي مٿان ڪنهن جو دٻاءُ ڪونهي، ڪيس جي شفاف جاچ ڪئي آهي، خالد لنڊ جي پٽن ملڪ کان ٻاهر هئڻ ۽ خالد لنڊ اسلام آباد هئڻ جا ثبوت ڏنا آهن ان باوجود اسين ڪيس جي جاچ ۾ سڀ شيون سامهون رکي رپورٽ ٺاهي عدالت ۾ پيش ڪنداسين.