وچ اوڀر تي اسماعيل هانيه جي شهادت سان کڙو ٿيل نئون جنگي محاذ

تحرير: وسي بابا

اسماعيل هانيه ان وقت تهران ۾ هو جڏهن مٿس خوني حملو ٿيو. سندس شهادت تي ايران جي صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان شديد ردعمل ظاهر ڪندي چيو آهي ته اسلامي جمهوريه ايران پنهنجي زميني سلامتي، قومي خودمختياري، عزت ۽ وقار کي ڪنهن ريت به نظرانداز نه ڪندو. صهيوني حڪومت جلد پنهنجي ان بزدلاڻي دهشت گردي جا نتيجا ڀوڳيندي. جڏهن ته ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي چيو آهي ته هانيه جي موت جو بدلو وٺڻ ايران تي فرض آهي. سنگاپور ۾ آمريڪي پرڏيهين وزير انٽوني بلنڪن جو چوڻ آهي ته  اسرائيل هانيه کي مارڻ جو آمريڪا کي اڳواڻ اطلاع نه ڏنو هو.

هوڏانهن آمريڪي ۽ عرب سفارتڪار  ڪيترن مهينن کان غزه ۾  سينز  فائر ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.  آمريڪي صدر جو بائيڊن ان حوالي سان هڪ منصوبو به پيش ڪري  چڪو آهي، پر  هاڻي چونڊن تان هٿ کڻڻ کان پوءِ  بائيڊن ووٽرن جي دٻاءُ  کان آجو ٿي چڪو آهي. پر  جيڪڏهن هو پنهنجي ان منصوبي تي عمل ڪرڻ چاهي ته ان وٽ هاڻي به وقت آهي.

ايران نئين چونڊيل صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان جي حلف برادري کي پنهنجي طاقت جي اظهار جو هڪ موقعو به پئي ڄاڻايو. حماس، فسلطيني اسلامي جهاد، يمن جو حوثي ۽ لبنان حزب الله حلف برادري جي تقريب لاءِ اڳ ئي تهران ۾ موجود هيا. هانيه کان سواءِ  بيروت ۾ به هڪ حملو ٿيو آ،  بيروت واري حملي ۾ حزب الله جو اهم ملٽري ڪمانڊر فواد شڪر کي به ٽارگيٽ ڪيو ويو . اسرائيل ان کي به مارڻ جي دعويٰ ڪئي آهي پر اڃان تائين ان جي تصديق ناهي ٿي.

اصل ۾ آڪٽوبر ۾جڏهن حماس اسرائيل تي راڪيٽ وسايا هيا ۽ غزه جي جنگ جي شروعات ٿي هئي ته تڏهن ئي اسماعيل  هانيه هڪ ويڊيو ۾ انهن حملن جي خبرن تي خوش نظر اچي رهيو هو. بعد ۾ رپورٽ ٿيوته  اسماعيل  هانيه کي به انهن حملن کان اڻ ڄاڻ رکيو ويو هو. حماس جي اندر به غزه جي معاملي تي اڳواڻن ۽ سياسي ليڊر شپ ۾ اختلاف موجود هيا.انهن اختلافن جو سبب سمجهه ۾ نه ايندڙ آهي، هانيه تي تنقيد ڪئي ويندي هئي ته هو سياسي سفارتي  اڳڀرائي ڪندي فلسطين جي اندر موجود زميني حقيقتن کي نظر انداز ڪري رهيو آهي. حماس جي ليڊر يحييٰ  سنوار هاڻي به غزه ۾ موجود آهي. سنواري ۽ هانيه ۾ ملٽري ۽ سفارتي اسٽريٽجي تي اختلاف هيا.  سنوار ان جنگ  کي پکيڙي  ڇڏيو هو. جنهن جو ان کي فائدو ٿيو. جنگ ڊگهي ٿي وئي ۽  سول آبادي جون ڏکيائون وڌي ويون. شهري آبادين ۾ ٻارن ۽ عورتن جي مارجڻ جي انگ ۾ تمام گهڻو واڌارو ٿيو، جنهن  سبب اسرائيل تي شديد تنقيد ٿيڻ لڳي. يورپي ملڪن به پوءِ فلسطين کي تسليم ڪرڻ شروع ڪيو. اسرائيل جي وزيراعظم تي انٽرنيشنل ڪرمنل ڪورٽ وارنٽ  جاري ڪيا. هاڻي ڪجهه هفتن کان صورت حال تبديل ٿي رهي هئي. سنوار تي به فلسطيني حلقن پاران تنقيد شروع ٿي چڪي آهي.سو هاڻي اسماعيل هانيه جي شهادت ۽ بيروت ۾ حزب الله جي ملٽري ڪمانڊر تي حملي سان جنگ جي شڪل تبديل ٿي سگهي ٿي. ايراني سپريم ليڊر ان شهادت جي بدلي کي پنهنجو فرض قرار ڏئي ڇڏيو آهي.

آمريڪي پرڏيهي وزير جي بيان مان صاف لڳي رهيو آهي، ته آمريڪا ان ڪارروائي کان پاڻ کي پري رکي رهيو آهي. ان باوجود ايران جيڪڏهن جوابي فوجي ڪارروائي ڪئي ته آمريڪا ان کي روڪڻ لاءِ اسرائيل جي ٽيڪنيڪي  ۽ عملي مدد ڪندو. ان حساب سان اسرائيل کي آمريڪا جي ڊفينس شيلڊ مهيا ٿيل آهي. ان ڪارروائي جو هڪ ٻيو به پاسو آهي، اسرائيل تي جنگ بندي لاءِ هن وقت تمام گهڻو عالمي دٻاءُ آهي. اسرائيل کي ڪنهن معاهدي کان اڳ اهو تاثر لازمي طور ڏيڻو هوندو ته  اهو جنگ کٽي  چڪو آهي. آڪٽوبر واري حملي جي ماسٽر مائيڊ محمد ضيف کي هڪ حملي ۾ مارڻ جي اسرائيل پهريون ئي دعويٰ ڪري چڪو آهي. اهو حملو  safe zone  قرار ڏنل غزه جي علائقي ۾ ڪيو ويو هو جنهن ۾ 71 ماڻهو مارجي ويا هيا.

اسرائيلي بچاءُ جي وزارت پارليامينٽ کي ٻڌائي چڪي آهي ته حماس جي ملٽري ونگ 25 فاميشن تي ٻڌل هئي. ان فاميشن جا 65 سيڪڙو  اهلڪار حملن ۾  نشانو بڻجي چڪا آهن. اهي اسرائيلي بيان ۽ ڪارروايون جنگ بندي کان اڳ پنهنجي ڪاميابي ڏيکارڻ ۽ ٻڌائڻ لاءِ آهن. هانيه جي شهادت تي هاڻي ايراني جواب ۽ ان جا نتيجا ٻڌائيندا ته وچ اوڀر تي جنگ جا ڪڪر پکڙجي چڪا آهن يا امن کي موقعو ملي ويندو!

آمريڪي پرڏيهي وزير جي بيان مان صاف لڳي رهيو آهي، ته آمريڪا ان ڪارروائي کان پاڻ کي پري رکي رهيو آهي. ان باوجود ايران جيڪڏهن جوابي فوجي ڪارروائي ڪئي ته آمريڪا ان کي روڪڻ لاءِ اسرائيل جي ٽيڪنيڪي  ۽ عملي مدد ڪندو. ان حساب سان اسرائيل کي آمريڪا جي ڊفينس شيلڊ مهيا ٿيل آهي. ان ڪارروائي جو هڪ ٻيو به پاسو آهي، اسرائيل تي جنگ بندي لاءِ هن وقت تمام گهڻو عالمي دٻاءُ آهي. اسرائيل کي ڪنهن معاهدي کان اڳ اهو تاثر لازمي طور ڏيڻو هوندو ته  اهو جنگ کٽي  چڪو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.