اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ) اسلام آباد جي عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ رئوف حسن کي پيڪا ايڪٽ تحت داخل ڪيس مان آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
اسلام آباد جي پيڪا ايڪٽ جي عدالت جي جج عباس شاهه رئوف حسن خلاف انٽرنيٽ تي دهشتگردي بابت انفارميشن ٺاهڻ، پکيڙڻ ۽ ڌماڪي جي ڪيس ۾ گرفتاري کانپوءِ واري ضمانت تي ٻڌڻي ڪئي جنهن سلسلي ۾ پي ٽي آءِ وڪيل علي بخاري، مرزا عاصم بيگ ۽ سردار مصروف عدالت ۾ پيش ٿيا.
علي بخاري دليل ڏيندي چيو ته وقاص جنجوعه جي انڪشافن تي ڪيس ٿيو، پورو ڪيس هڪ بيان تي آهي، 3 عورتن جي ضمانت ٿي چڪي آهي، 9 ڄڻن جي ضمانت واري درخواست عدالت جي سامهون آهي، 9 جوابدار پگهاردار ملازم آهن جن جو الزام سان ۽ رئوف حسن سان ڪو واسطو ناهي، رئوف حسن کي في الحال ڇڏيو، 8 نوڪري وارن ماڻهن ملڪ کي ڪهڙو نقصان پهچايو؟ رياست ڇا آهي؟ قانون ۽ آئين موجب رياست عوام آهي.
ٻڌڻي دوران ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر پي ٽي آءِ ڪارڪنن جا وٽيس پڙهي پيڪا ايڪٽ عدالت ۾ ٻڌايو ۽ چيو ته ٽيڪنيڪل رپورٽ ۾ سڀني جو ڪردار واضح ڪيو ويو آهي، گروپ ۾ اهڙا ماڻهو موجود آهن جيڪي پيسن لاءِ بيانيو ٺاهيندا آهن ۽ دنيا ۾ پکيڙيندا آهن، رئوف حسن تي سڀ سيڪشنز لڳن ٿا ۽ سيڪشن 10 ناقابلِ ضمانت آهي.
ايف آءِ اي پراسيڪيوٽر ضمانت جي مخالفت ڪئي جنهن تي عدالت فيصلو محفوظ ڪري ورتو. تنهن کانپوءِ عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ رئوف حسن جي ضمانت واري درخواست منظور ڪري ورتي ۽ کيس پيڪا ايڪٽ تحت داخل ڪيس ۾ آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو.
پيڪا ايڪٽ تحت داخل ڪيس ۾ ضمانت ملڻ باوجود رئوف حسن جي آزادي ممڪن نه ٿي، هو دهشتگردي ٽوڙ عدالت طرفان ٻن ڏينهن جي جسماني ريمانڊ تي سي ٽي ڊي جي تحويل ۾ آهي.
You might also like