سون جي اگهه ۾ بنا بريڪ واڌ، سوين رپيا مهانگو ٿي ويو

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ملڪ سون جي اگهه ۾ مسلسل ٻئي ڏينهن سوين رپيا واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، ملڪ ۾ في تولو سون 14 سئو رپيا مهانگو ٿيڻ بعد 2 لک 54 هزار 9 سئو رپين جو ٿي ويو آهي.
اهڙي ريت ڏهه گرام سون جي قيمت 1201 رپيا واڌ بعد 2 لک 18 هزار 536 رپيا آهي.
ايسوسيئيشن موجب، عالمي مارڪيٽ ۾ في اونس سون 17 ڊالر مهانگو ٿيڻ بعد 2 هزار چار سئو ٻٽيهه ڊالر ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.