مختلف شهرن ۾اسماعيل هانيا جي غائبانا جنازي نماز

ڪراچي/اسلام آباد (نمائندن وٽان+ م ڊ) فلسطيني مزاحمتي تحريڪ حماس جي سربراهه شهيد اسماعيل هنيا جي غائبانا جنازي نماز ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ادا ڪئي وئي. ڪراچي ايم اي جناح روڊ تي جماعت اسلامي اڳواڻ محمد حسين محنتي جي امامت ۾غائبانا جنازي نماز ادا ڪئي وئي، حيدرآباد ۾ جماعت اسلامي جي ضلعي آفيس آڏو اسٽيشن روڊ تي نماز ادا ڪئي وئي، جڏهن ته سيو غزه جي پليٽ فارم تان اسلام آباد جي ڊي چوڪ تي اڳوڻي سينيٽر مشتاق احمد خان جي امامت ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي، جڏهن ته سڀ کان وڏو اجتماع راولپنڊي ۾ ٿيو، جتي جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم غائبانا نماز پڙهائي. ٻئي طرف ميرپورخاص، ڪنري، سيٺارجا ۽ ٻين شهرن ۾ به غائبانا نماز ادا ڪئي وئي. نماز ۾ شرڪت ڪندڙن اسماعيل هنيا کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ۽  پرجوش نعرا لڳايا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.