حماس عملدارن ايراني سيڪيورٽي تي سوال اٿاري ڇڏيا!

لنڊن(م ڊ) حماس جي ٽن سينيئر آفيسرن ايران ۾ سيڪيورٽي جي حوالي سان حيران ٿي سوال اٿاري ڇڏيا آهن.بي بي سي موجب انهن عملدار ڳالهين ۾، مختلف ۽ مبهم اشارا ڏنا ته ڪالهه تهران ۾ صبح سوير ڇا ٿيو هو؟ هنن حملي تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو ته اسماعيل هنيه اڳ به ڪيترائي ڀيرا تهران جو دورو ڪيو هو ۽ هو هميشه اتي وڃڻ ۾ پاڻ کي محفوظ محسوس ڪندو هو.گفتگو دوران، حماس عملدارن سوال اٿاريو ته هن وڏي سيڪيورٽي ناڪامي جو ذميوار ڪير آهي ۽ ڇا هنيه جو تهران ۾ هجڻ صحيح فيصلو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.