اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف جي منظوري بعد پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، حڪومت ڊيزل جي قيمت ۾ 10 رپيا 86 پئسا في ليٽر ۽ پيٽرول جي قيمت ۾ 6 رپيا 17 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي آهي.گاسليٽ جي قيمت ۾ 6 رپيا 32 پئسا في ليٽر جڏهن ته لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ 5 رپيا 72 پيسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي وئي آهي.اگهن ۾ گهٽتائي کانپوءِ پيٽرول جي قيمت 269 رپيا 43 پئسا في ليٽر جڏهن ته هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي قيمت 272 رپيا 77 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.لائيٽ ڊيزل جي في ليٽر قيمت 160 رپيا 53 پئسا جڏهن ته گاسليٽ جي في ليٽر قيمت 177 رپيا 39 پيسا مقرر ڪئي وئي آهي.وزيراعظم جي منظوري کانپوءِ ناڻي واري وزارت نئين قيمتن جو باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي.