بلوچستان ۾ احتجاجي ڌرڻو جاري، هڙتالون، فائرنگ ۾ 3 مارجي ويا، 50 زخمي

ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي سڏ تي ڪوئيٽا سميت بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ پنجين ڏينهن به ڌرڻا جاري رهيا. هاءِ ويز تي ڌرڻن سبب بلوچستان جو ٻين صوبن سان رابطو ڪٽجي ويو. روڊن تي بيٺل ٽرڪن ۾ موجود ميوا ۽ ڀاڄيون به خراب ٿيڻ لڳيون. گوادر ويجهو تلار ۾ به مظاهرين تي فورسز  جي فائرنگ جا اطلاع آهن، جنهن جي نتيجي ۾ 3 کان وڌيڪ مظاهرين مارجي ويا ۽ پنجاهه کان وڌيڪ زخمي ٿيا. ٻئي طرف دالبدين بائي پاس تي پوليس ۽ مظاهرين ۾ جهيڙو ٿي پيو، پوليس هوائي فائرنگ ڪئي ۽ مظاهرين پوليس جي گاڏين تي پٿراءُ ڪيو. هوڏانهن گوادر ۾ جلسي ۾ شرڪت ڪندڙ مستونگ ۾ هنيل ڌرڻو ختم ڪري ڪوئيٽا روانا ٿي ويا آهن. جڏهن ته ڪوئيٽا ۾ بلوچستان يونيورسٽي اڳيان ڌرڻو جاري آهي.ٻي پاسي بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي ڪارڪنن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته بارکان، اوٿل سميت ڪيترن ئي شهرن ۾ شٽر ڊائون هڙتال ڪئي وئي، بي وائي سي جي سڏ تي بلوچستان جي ٻين علائقن وانگر بارکان ۾ به شهري روڊن تي نڪري آيا، احتجاجي مظاهرو ڪري هڙتال ڪئي وئي، پمفليٽنگ ۽ وال چاڪنگ مهم هلائڻ تي پوليس ٿاڻي اوٿل ۾ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي. ان سلسلي ۾ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي اوٿل جي اڳواڻ قاضي سراج الحق کي اوٿل پوليس رات دير سان گرفتار ڪري ورتو آهي ۽ ان بابت ڪا به ڄاڻ نه ڏني پئي وڃي، ٻي پاسي بلوچستان جي گهرو وزير مير ضياءُ الله لانگو چيو آهي ته گوادر ۾ نام نهاد خير خواهن جي ڪري پرڏيهي ۽ اندروني سيڙپڪاري تباهه ٿي رهي آهي، ان ڪري گوادر جي عوام کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته هو گوادر جي ترقي لاءِ اڳتي وڌي يا ناڪاري سياست جو شڪار ٿي پنهنجي مستقبل کي داءُ تي لڳائي ڇڏي.گوادر ۾ اجلاس کي خطاب ڪندي هن چيو ته بلوچستان جي ترقي ۽ خوشحالي کي روڪڻ جو ذميوار ڪجهه مشهور ماڻهو آهن، جيڪي هر روز ڪنهن نه ڪنهن مسئلي تي احتجاج ڪري ناحق روڊ بند ڪندا آهن پر اهي احتجاج ڪرڻ بدران حڪومت سان گڏ ويهي مسئلي جو حل ڳولين.اجلاس ۾ آءِ جي پوليس بلوچستان عبدالخالق شيخ، ايڊيشنل سيڪريٽري گهرو زاهد سليم ۽ ڊي سي گوادر، ڊي آءِ جيز ۽ ٻين شرڪت ڪئي.

بلوچستان ۾ گرفتار ٿيل سياسي ڪارڪن آزاد ڪيا وڃن: وهاب بلوچ

ڪراچي (رپورٽر ) بلوچ يڪجهتي ڪائونسل جي اڳواڻ وهاب بلوچ ، ندا ڪرماڻي ۽ هيومن راٽس ڪميشن آف پاڪستان ( ايڇ آر سي پي ) جي اڳواڻ اقبال بٽ ڪالهه ڪراچي پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته جيڪڏهن رياستي ادارن طرفان گوادر  ٻين علائقن جي ناڪا بندي ختم نه ڪئي وئي ۽  گرفتار بلوچ مردن ۽ عورتن کي آزاد ڪري باقي ڦاٿل ڪارڪنن کي واپس وڃڻ جو رستو نه ڏيو ته پوءِ سموري بلوچستان ۾ ڦيٿا روڪ هڙتال جوسڏ ڏئي سموري صوبي ۾ ريليون ڪڍيون وينديون . هنن مطالبو ڪيو ته رياست فوري طور تي گرفتار ٿيل اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي کي آزاد ڪيو وڃي، مڪران، گوادر ۾ انٽر نيٽ ۽ موبائيل فون جو نيٽ ورڪ بحال ڪيو وڃي. هنن چيو ته بلوچ يڪجهتي ڪائونسل 28 جولائي تي گوادر ۾ گڏ ٿيڻ لاءِ هڪ قومي  سڏ ڏنو هو، ان کان اڳ 20 بلوچستان ۽ ڪراچي مان سوين ڪارڪن گرفتار ڪري انهن مٿان ڪوڙيون ايف آئي آر داخل ڪيون ويون آهن، پر جڏهن 28 جولائي تي قومي ڪٺ ۾ ڪارڪن رڪاوٽون ٽوڙي پهچي ويا ته 29 جولائي تي جلسي م بيٺل گاڏين کي ساڙيو ويو آهي ۽ ڪارڪنن مٿان رياستي فوج گوليون هلايون،جنهن ۾ هڪ ڪارڪن شهيد ۽ 7 زخمي ٿي پيا ۽ زخمين کي اسپتال کڻي وڃڻ کان روڪڻ لاءِ ايمبولنس جا رستا روڪيا ويا. هنن وڌيڪ چيو ته 28 جولائي تي ڌرڻي جي اڳواڻن مٿان قاتلاڻو حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ رياستي فوجي ڳجهي اداري جو اهلڪار پستول، واڪي ٽاڪي ۽ سڃاڻپ ڪارڊ سميت بروقت پڪڙجي وي، جنهن اعتراف ڪيو ته هن جوواسطو رياستي فوجي ڳجهي اداري جي موت واري سيل سان آهي. هنن چيو ته رياستي تشدد ۽ رڪاوٽن باوجود بلوچ پنهنجي قومي حقن جي جدوجهد جاري رکندا ۽ اسان جي پريس ڪانفرنس کي روڪڻ لاءِ ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران ڳجهين ايجنسين جا اهلڪار، پوليس وڏي تعداد ۾ بيهاري وئي، جن هنن جي 4 عورت ۽ 4 مرد ڪارڪنن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.ٻي طرف پوليس ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران شام دير تائين موجود رهي ۽ بلوچ يڪجهتي جي ڪارڪنن موجب هنن جا 8 کان وڌيڪ ڪارڪن پوليس ۽ ڳجها ادارا کنڀي کڻي ويا آهن.

ڪراچي ۾ احتجاج ڪرڻ تي بي واءِ سي جا اڳواڻ گرفتار ۽ آزاد

ڪراچي (رپورٽر)ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران احتجاج ڪندڙ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي اڳواڻن کي پوليس گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو ۽ ڪجهه ڪلاڪن بعد آزاد ڪري ڇڏيو. گرفتار ٿيل اڳواڻن ۾ بلوچ  يڪجهتي ڪميٽي جي اڳواڻ فوزيه بلوچ سميت 7 ٻيون عورتون ۽ مرد شامل هنيون. ٻئي پاسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گرفتاري خلاف بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي اڳواڻن وهاب بلوچ، عبدالرحمان شاهه، مير بلوچ، ايڇ آر سي پي جي چيئرمين اسد اقبال بٽ پريس ڪانفرنس ڪئي ۽ گرفتارين جي سخت مذمت ڪندي گرفتار ٿيلن جي ترت آزاديءَ جو مطالبو ڪيو هو. ان سلسلي ۾ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي هڪ بيان جاري ڪندي چيو آهي پوليس عورتن سميت ڪيترن ئي اڳواڻن کي گرفتار ڪيو آهي، اسان بلوچ عوام کي گذارش ڪريون ٿا ته هو پنهنجي گهرن مان نڪري احتجاج ۾ شامل ٿين ۽ اهو واضح پيغام ڏين ته انهن جو فاشزم ختم ٿي چڪو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.