نبي ڪريم صلعم جي حرمت تي سڀ قربان، قتل جي اجازت نه ڏينداسين\اعظم نذير تارڙ

اسلام آباد ( م ڊ) قانون واري وزير نذير تارڙ جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن نبي ڪريم صه جي حرمت تي حملو ٿيو ته هو آواز اٿاريندا ، پاڪستان ۾ ڪنهن کي به فتويٰ ڏيڻ جو حق نه ٿو ڏئي سگهجي.قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي قانون واري وزير چيو ته ختم نبوت جو عقيدو اسان جي ايمان جو حصو آهي، ڪنهن کي به آئين کي ٻيهر لکڻ جو اختيار ناهي، عدالت کي به آئين جي تشريح جو اختيار آهي. قومي اسيمبلي اجلاس ۾ سُني اتحاد ڪائونسل جي سربراهه صاحبزاده حامد رضا چيو ته ختم نبوت منهنجي ايمان جو ايترو ئي حصو آهي جيترو اوهان جي ايمان جو، ختم نبوت هر مومن جو حصو آهي. علي محمد خان چيو ته جيڪو ختم نبوت تي يقين نٿو رکي اهو مسلمان نٿو ٿي سگهي. پاڪستان پيپلز پارٽي جي اسيمبلي ميمبر عبدالقادر پٽيل چيو آهي ته ختم نبوت واري معاملي تي سڀني جا جذبات هڪجهڙا آهن، ڪنهن کي به اهڙو فيصلو ڏيڻ جو حق ناهي ته ماڻهو پاڻ فيصلا ڪرڻ لڳن. جمعيت علماءِ اسلام (جي يو آءِ) جي ميمبر اسيمبلي مولانا عبدالغفور حيدري چيو آهي ته جج ٻڌائين ته آئين ۾ ترميم جو اختيار ڪٿان آيو . مولانا عبدالغفور حيدري مطالبو ڪيو ته اڄ ان تي ٺهراءُ پاس ڪيو وڃي، تلوار کڻڻ لاءِ نه چونداسين پر ائين نه ٿئي ته ڪو اهڙو قدم کڻي، جج جي اهڙي راءِ کي پارليامينٽ ذريعي رد ڪيو وڃي. آئين ۽ قانون جي خلاف آهي، ججن پنهنجي راءِ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ غلطي جو اعتراف ڪيو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.