جوهي( ن ع آ ) ڪاڇي جي پٽ گُل محمد ٿاڻي جي حد ڳوٺ ابراھيم لغاري ۾ اڍائي سالن جي معصوم ٻارڙي کي گهُٽا ڏئي قتل ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، مبينه طور قتل ڪيل ٻارڙي فيضان لغاري جي پيءُ يونس لغاري پٽ گُل محمد پوليس کي اطلاع ڪيو ته سندس معصوم پُٽ فيضان کي ناناڻن قتل ڪيو آهي اهڙي اطلاع بعد پوليس ڳوٺ ابراهيم لغاري پهچي مبينه قتل ڪيل ٻارڙي جو لاش تعلقه اسپتال جوهي کڻائي آئي جتي پوسٽ مارٽم دوران پڻ تصديق ڪئي وئي ته ٻارڙي کي گهُٽو ڏئي قتل ڪيو ويو آهي، اهڙي تصديق بعد پوليس ڪارروائي ڪندي مبينه گهٽا ڏئي قتل ڪيل ٻارڙي جي ناني ۽ پُڦي کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ رابطو ڪرڻ تي پٽ گُل محمد ٿاڻي جي وڏي منشي رياض جمالي ٻُڌايو آهي ته ٻارڙي جي پيءُ يونس لغاري جي اطلاع تي ٻارڙي جو پوسٽ مارٽم ڪرايو آهي، کيس گهٽا ڏئي مارڻ جي تصديق بعد فوتي ٻارڙي جي ناني ۽ پڦي کي گرفتار ڪري جانچ ڪري رهيا آهيون،پٽ گل محمد پوليس ٻارڙي جي پيءُ يونس لغاري جي فرياد تي ڇهه ڄڻن حمزو لغاري، عطاءُ الله، امان الله، سميع الله، عمران لغاري ۽ ڪليم الله لغاري مٿان معصوم پُٽ کي گهٽا ڏئي قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪري ورتو آهي