41 ميمبرن جي پي ٽي آءِ ۾ شموليت روڪڻ جي تياري، قومي اسيمبلي ۾ بل پيش

اسلام آباد(م ڊ) قومي اسيمبلي جي 41 ميمبرن کي پي ٽي آءِ ۾ شامل ٿيڻ کان روڪڻ لاءِ حڪومت اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم جي تياري ڪري ورتي آهي، ان حوالي سان اليڪشن ترميمي بل 2024ع قومي اسيمبلي ۾ پيش ڪيو ويو آهي. اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم جو بل قومي اسيمبلي جي ميمبر بلال اظهر ڪياني ايوان ۾ پيش ڪيو، قانون واري وزير نذير تارڙ بل جي مخالفت نه ڪئي. اسپيڪر ايوان جي اجازت سان ترميمي بل اسٽينڊنگ ڪميٽي ڏانهن موڪلي ڇڏيو. ذريعن جو چوڻ آهي ته ترميم کانپوءِ ميمبرن پاران جمع ڪرايل بيانن ۾ ڦيرڦار تي پابندي هوندي. اليڪشن ترميمي ايڪٽ 2024 ۾ 2 ترميمون متعارف ڪرايون ويون آهن. پهرين ترميم اليڪشن ايڪٽ 2017 جي سيڪشن 66 ۾ ۽ ٻي ترميم اليڪشن ايڪٽ 2017 جي سيڪشن 104 ۾ ڪئي وئي.  پهرين ترميم ۾ چيو ويو آهي ته سياسي پارٽي سان الحاق جو اقرار نامو تبديل نٿو ڪري سگهجي. ٻي ترميم ۾ چيو ويو آهي ته جنهن پارٽي مخصوص سيٽن جي لسٽ اليڪشن ڪميشن کي نه ڏني آهي ان کي مخصوص سيٽون نٿيون ڏئي سگهجن. ترميمي ايڪٽ 2024 موجب، اهي ٻئي ترميمون منظوري کانپوءِ فوري طور تي لاڳو ٿينديون. واضح رهي ته اليڪشن ڪميشن طرفان پي ٽي آءِ جي 39 ميمبرن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي موجب 41 ميمبرن جو نوٽيفڪيشن اڃا التوا ۾ آهي. پاڪستان تحريڪ انصاف ڪجهه ڏينهن اڳ قومي اسيمبلي، پنجاب، خيبرپختونخواهه ۽ سنڌ اسيمبلين جي مخصوص سيٽن جي لسٽ جمع ڪرائي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.