ڪي اليڪٽرڪ جو ڪمال

تحرير: امر جليل

لڳ ڀڳ اٺ، ڏهه سال اڳ جي ڳالھھ آھي.ڪي اليڪٽرڪ کي خبر ناھي ڇا ٿي ويو ھو.ان ملڪ جي اهڙن ادارن سان مقابلي جو ارادو ڪري ورتو، جيڪي ملڪ جي شاعرن، اديبن، محققن ۽ رانديگرن کي انعامن ۽ اڪرامن سان نوازي پاڻ بھ  سرخرو ٿيندا هئا ۽ نالو پڻ ڪمائيندا هئا.ڪي اليڪٽرڪ، پھرين  ان نوعيت جو  ڪڏهن به ڪم نھ ڪيو ھو.

ڳالهھ  ڪجهھ ھينئن ھئي تھ، انگريز جي دور جي ڪراچي اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني (KESC) پنهنجي ڪارڪردگيءَ جا هڪ سئو سال پورا ڪري ورتا ھئا. نئين مينيجمينٽ ڪراچي اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني جو نالو K.Electric  رکيو. نئين مينيجيمنٽ  اڍائي، ٽي ڪروڙن جي ڪراچي شهر مان 20، 25 ماڻهن جي چونڊ ڪئي، انھن پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ نالو ڪمايو ھو. کين لقب ڏنو، پرائيڊ آف ڪراچي، ڪراچي جو شان،فخر ڪراچي. ملندڙ خوبصورت شيلڊ يا ملندڙ انعام تي انھن جو ڪم ۽ نالو گڏ لکيو ويو ھو. پرائيڊ آف ڪراچي. انهن ماڻھن مان ڪي اھڙا نالي وارا ماڻھون  ھئا جو انعامن،اڪرامن کان مٿاھان هئا. انهن جو وجود ڪراچيءَ جو شان هو،ڪجهھ نالا مان توھان کي ڳڻائي ڇڏيان ٿو.

سڀ کان پهرين، حنيف محمد، 1950ع جو غير معمولي اوپننگ بيٽس مين، سنڌ مدرسي اسڪول ۾ ميٽرڪ جو شاگرد هو.تڏھن  چيو ويندو ته جيستائين حنيف محمد کان بيٽنگ ڪندي غلطي نه ٿي وڃي، دنيا جا سٺا سٺا  فاسٽ ۽ سلو بالر  انھن کي آئوٽ ڪرڻ جا سمورا  ُگر آزمائيندا ھئا. پر هو حنيف محمد کي آئوٽ نه ڪري سگهندا ھئا. انهن ڏينهن ۾ فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ 500 رنز  جي اننگ مڪمل ڪرڻ لاءِ حنيف محمد 499 جي اسڪور تي رن آئوٽ ٿي ويو ھو. ڪجهه سالن بعد حنيف محمد ويسٽ انڊيز  ۾پهرين ٽيسٽ ميچ دوران  ويسٽ انڊيز  خلاف ڪرشمو ڪري ڏيکاريو ھو. حنيف هڪ اھڙي غير معمولي اننگ کيڏي، جنھن جو مثال نٿو ملي. ويسٽ انڊيز پنهنجي پهرين اننگ  ۾ 500 رنز ٺاهيون ھيون. ٻئي ڏينهن پاڪستان جي پوري ٽيم 106 رنز تي آئوٽ ٿي وئي. اننگ جي شڪست کان بچڻ جي لاءِ پاڪستان کي 394 رنز جي ضرورت ھئي ۽ 6 ڏينھن جي ٽيسٽ ۾چئن ڏينھن تائين بيٽنگ ڪندو رھيو.ھن 337 رنز ٺاھيون ۽ پاڪستان کي يقيني شڪست کان بچائي ورتو.ڪي اليڪٽرڪ جي پرائيڊ آف ڪراچي جي فھرست ۾ حنيف محمد جو نالو سڀ کان نمايان ھو.مان خواھ مخواھ ڪنھن قسم جي ڪنٽراورسي ۾ نٿو پوڻ چاھيان.بصد احترام ۽ عزت سان عرض ڪريا ٿو  ته قائداعظم کان پوءِ ڪراچي جي سڀ کان نمايان  شخصيت حنيف محمد جي هئي، رھندي .اھو پرائيڊ آف ڪراچي ھو.پرائيڊ آف ڪراچي آهي ۽ صدين تائين پرائيڊ آف ڪراچي رھندو. ڪي اليڪٽرڪ طرفان اعزاز ڏيڻ ۽  اعزاز ڏيڻ کانپوءِواپس وٺڻ سان حنيف محمد جو ڪجهه نھ بگڙندو.

مهدي حسن جي باري ۾لتا منگيشڪر ڇا چيو ھو ؟ نوشاد ڇا چيو ھو ؟ استاد بڙي ۽ استاد ڇوٽي  غلام علي خان هن  جي باري ۾ ڇا چيو ھو ؟ ان سان اسان جو ڪو مطلب نھ آھي،اھو شھنشاھ غزل  ھو، جنهن شاعر کي ھن ڳايو، ان شاعر کي شھرت جي بلندين تي پهچائي ڇڏيو.ڪي اليڪٽرڪ ،جي پرائيڊ آف ڪراچي واري فھرست ۾مھدي حسن جو نالو شامل ھو.فھرست  ۾ معين اختر جو نالو شامل هو.فھرست ۾ مشتاق احمد يوسفي به هو. ڪراچي کان علاوه سڄي ملڪ ۾ عوام جي خدمت ڪندڙ عبدالستار ايڌي جو نالو به، پرائيڊ آف ڪراچي جي فھرست ۾ شامل ھو. ڪيترن ئي نامور شخصن کي پرائيڊ آف ڪراچي جو خطاب ڏنو ويو. حڪيم محمد سعيد، جون ايليا، زهرا نگاھ، اختر حميد خان، ڊاڪٽر عابد رضوي ۽ جهانگير خان جهڙن ماڻهن کي فخر ڪراچي يعني پرائيڊ آف ڪراچي جي خطاب سان نوازيو ويو.فھرست  ۾ چوويهه ماڻهن جا نالا هئا.

ڪراچي جي سڀ کان دلڪش عمارت موهٽھ  پيلس ۾ صدِ سالھ  تقريب جو عالي شان اھتمام ڪيو ويو ھو. سنڌ جو گورنر عشرت العباد خاص مهمان هو. ڪراچي اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني کي نئون نالو ڪي اليڪٽرڪ ڏنو ويو. انھيءَ حوالي سان 24 شخصن کي پرائيڊ آف ڪراچي جو خطاب ڏنو ويو. ٻين ادارن جي ابتڙ، ڪي  اليڪٽرڪ انعام حاصل ڪندڙن شخصن کي لکت ۾ اقرار نامو ڏنو.اقرار نامي مطابق ”پرائيڊ آف ڪراچي“  حاصل ڪندڙن کي سڄي زندگي مفت بجلي فراهم ڪئي ويندي.ڏھن سالن تائين معاملو خوش اسلوبي سان ھلندو رھيو. پوءِ اوچتو نھ ڄاڻ ڇا ٿيو، جو ڪي اليڪٽرڪ پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ  حيرت ۾ وجھندڙ  باب جو اضافو ڪري ڇڏيو. مختلف ادارن کي پنهنجي حڪمت عملي سان حيران ڪيو. ڪي اليڪٽرڪ پرائيڊ آف ڪراچي کي ڪالعدم قرار ڏئي ڇڏيو. پرائيڊ آف ڪراچي جو ٽائٽل  نامور ماڻهن کان واپس وٺي ڇڏيو.

پاڪستان جي تاريخ ۾ اڄ تائين ايئن ڪڏهن به نه ٿيو  ھو جو ڪنهن اداري ڏيڻ کانپوءِ پنھنجو انعام،اعزاز، فضيلت واپس وٺي ورتي هجي. پرائيڊ آف پرفارمنس  ڏيڻ کانپوءِ اڄ تائين ڪنهن کان واپس نھ ورتو ويو آهي. پاڪستان جو سڀ کان وڏو ۽ معتبر ادبي انعام،ڪمال فن ڏئي ڪري ڪنھن کان  اڄ تائين واپس نه ورتو ويو آهي. ڪي اليڪٽرڪ، پرائيڊ آف ڪراچي جو اعزاز واپس وٺي پاڪستان جي تاريخ ۾ منفرد رڪارڊ قائم ڪيو آهي. اعزاز ڏيندڙ ڪنھن اداري اھڙو ڪمال  اڄ تائين ڪري ناھي ڏيکاريو.

(روزاني جنگ جي ٿورن سان)

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.