حددخلين خلاف آپريشن کانپوءِ اي سي ابراهيم حيدري تي حملو، 5 جوابدار گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ)  ابراهيم حيدري جي اسسٽنٽ ڪمشنر ڊاڪٽر سائرا خان تي اسپتال چورنگي وٽ قاتلاڻو حملو ڪيو ويو. پوليس پهچي 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.

ڊاڪٽر سائرا خان موجب وڻڪاري لاءِ اسپتال چورنگي جو دورو ڪيو ته هٿياربند جوابدار نالو اويس ڪرني عرف عمر ٻڌايو ۽ گاڏي ويجهو مڪون هڻڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ڏنڊا هڻي گاڏي جا شيشا ڀڃي ڇڏيا ۽ گاريون ڏنيون.

ايس ايڇ او قائد آباد موجب پوليس 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري اسسٽنٽ ڪمشنر جي فرياد تي ڪيس داخل ڪري ورتو جڏهن ته مک جوابدار اويس ڪرني جي ڳولا جاري آهي.

ڊاڪٽر سائرا خان موجب گذريل ڏينهن هن اسپتال چورنگي تي وڻڪاري لاءِ انڪروچمينٽ آپريشن ڪيو هو.

ٻئي پاسي چيف سيڪريٽري سنڌ سيد آصف شاھ معاملي جو نوٽيس وٺندي ڪمشنر ڪراچي کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي جڏهن ته جوابدارن جي گرفتاري جي هدايت ڪئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.