لاهور ( ويب ڊيسڪ ) لاهور جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڊراما نگار خليل الرحمان قمر کي هني ٽريپ ڪرڻ جي ڪيس ۾ جوابدار عورت جي جسماني ريمانڊ جي درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
جوابدار عورت جي وڪيل چيو ته جوابدار عورت هني ٽريپ ۾ ملوث ناهي، ڪو ثبوت ناهي، اي ٽي ايم مان پيسا حسن شاهه ڪڍرايا.
ان موقعي تي جوابدار عورت روئڻ شروع ڪيو. هن بيان ڏنو ته حسن شاهه منهنجي وڊيو به وائرل ڪئي، پيءُ بيمار آهي، حسن شاهه ۽ خليل الرحمان بليڪ ميل ڪري رهيا آهن
ان تي خليل الرحمان قمر جي وڪيل چيو ته منهنجو اصيل درويش ماڻهو آهي. جج ريمارڪس ڏنا ته درويش ماڻهو 4 وڳي صبح تهجد پڙهندو آهي، هي ڪهڙو درويش آهي.
عدالت جسماني ريمانڊ ۾ 2 ڏينهن واڌ ڪري ڇڏي.