ڌرين مورچا خالي ڪري ڇڏيا، سيڪيورٽي فورسز سنڀاليا: ڊي سي ڪرم

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي ضلعي ڪرم ۾ ٻن قبائلي ڌرين ۾ هفتي کان جاري جهيڙي ۾ ٺاپر اچي وئي.

ڊي سي موجب گذريل ستن ڏينهن کان جاري جهيڙي ۾ 49 ڄڻا مارجي ويا ۽ 200 کان وڌيڪ زخمي به ٿيا.

جاويد الله محسود موجود ڌرين جنگ بندي تي اتفاق ڪيو ۽ چڪريون بند ٿي ويون. ڌرين مورچا خالي ڪيا ۽ سيڪيورٽي فورسز سنڀالي ورتا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.