گوگل اينڊرائيڊ واهپيدارن لاءِ ٻه بهترين فيچرز متعارف ڪرائي ڇڏيا .
ڪال ڪاسٽنگ ۽ انٽرنيٽ شيئرنگ نالي فيچرز جو اعلان گوگل طرفان مئي 2024 ۾ سالياني ڊيولپر ڪانفرنس جي موقعي تي ڪيو ويو هو.
هي ڪمپني جي نئين ڪراس ڊيوائس سروسز جي حوالي سان شروعاتي فيچرز آهن.
گوگل هيلپ پيج موجب، ڪال ڪاسٽنگ فيچر ذريعي وڊيو ڪالز کي هڪ کان ٻي ڊيوائس ۾ سوئچ ڪري سگهندا، ان لاءِ صرف ٻنهي ڊيوائسز ۾ هڪ ئي گوگل اڪائونٽ جو هجڻ ضروري آهي.
مثال طور جيڪڏهن هڪ وڊيو ڪالنگ ايپ ۾ ڪال ڪاسٽنگ جي سهولت موجود هوندي ته ان ۾ ويجهو موجود اهڙي ڊيوائسز جي لسٽ نظر ايندي جنهن ۾ اوهان ڪال ڪاسٽ ڪري سگهندئو.
فلحال اِهو فيچر گوگل ميٽ ۾ متعارف ڪرايو پيو وڃي.
انٽرنيٽ شيئرنگ اوهان کي پاڻمرادو ڊيوائسز جي وچ ۾ هاٽ اسپاٽ ايڪسيس شيئر ڪرڻ جي سهولت فراهم ڪندو.
اِهو فيچر ڪروم بڪس ۽ اينڊرائيڊ ڊيوائسز تي ڪم ڪندو جڏهن ته بليوٽوٿ ۽ ڊيوائس لوڪيشن کي ان ايبل ڪري ڇڏيندو.
ٻئي فيچر اينڊرائيڊ 11 يا ان کانپوءِ وارن آپريٽنگ سسٽمز تي ڪم ڪندڙ سمارٽ فونز تي دستياب هوندا.
فلهال اِهو فيچر بيٽا ورزن ۾ دستياب آهي ۽ ايندڙ ميهنن ۾ اِهو سمورن واهپيدارن لاءِ پيش ڪيو ويندو.
You might also like