اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته هو فوج سان ڳالهين لاءِ تيار آهي، فوج پنهنجو نمائندو مقرر ڪري ۽ اسان ڳالهيون ڪنداسين.
عدالت ۾ صحافين سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ باني عمران خان فوج سان ڳالهيون ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته اسان فوج تي ڪڏهن به فوج تي الزام ناهن لڳايا پر تنقيد ڪئي آهي.
هڪ سوال جي جواب ۾ عمران خان چيو ته هن فوج تي ڪڏهن به الزام ناهن لڳايا رڳو تنقيد ڪئي آهي، اسان کي اِهو نه سيکاريو ته فوج ڪڏهن به ڪا غلطي ناهي ڪئي.
هن چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو جي سزا پٺيان جنرل ضياءَ الحق هو ۽ ڍاڪا سانحي پٺيان جنرل يحييٰ خان جو هٿ هو جيڪڏهن اوهان ظلم ڪندئو ته ڇا فوج تي تنقيد ڪرڻ ڇڏي ڏيون؟
عمران خان چيو ته ايس آءِ ايف سي ڇا آهي ۽ محسن نقوي ڪير آهي؟ ملڪ ۾ اڻ اعلانيل مارشل لا لاڳو آهي ۽ محسن نقوي انهن جو ئي ته نمائندو آهي هو انهن جي ذريعي ئي آيو آهي، محمد خان اچڪزئي کي اسان ڳالهين جو مينڊيٽ ڏنو هو پر ٻئي پاسي ڏانهن ڪو نالو اچي ها ته اسان ڳالهيون ڪيون ها.
هن چيوته گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ نڪرندڙ بلوچ عوام جي به حمايت ڪيان ٿو، بلوچستان ۾ ماڻهن کي گم ڪرڻ ظلم آهي، حڪومت هوش ڪري ۽ بلوچ عوام ۾ تمام گهڻي نفرت پکڙي رهي، اسان جا 25 ڪارڪن اڃا تائين گم آهن، سوشل ميڊيا ايڪٽوسٽ احمد جنجوعا کي گهر مان گرفتار ڪري دهشتگرد بڻايو ويو آهي.
Prev Post
You might also like