ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ۾ ڪوٽا سسٽم خلاف پرتشدد احتجاجي مظاهرن کانپوءِ حڪومت جماعت اسلامي بنگلاديش ۽ شاگرد تنظيم اسلامي ڇاترو شبر تي پابندي جو فيصلو ڪري ورتو.
انهن پارٽين تي پابندي جو فيصلو 14 پارٽين جي حڪومتي اتحاد جي اجلاس ۾ ٿيو.
قانون واري وزير موجب، پابندي فيصلي کي حتمي شڪل ڏيڻ لاءِ گهرو وزير سان مشاورت ڪئي ويندي جنهن کانپوءِ ايگزيڪٽو آرڊر ذريعي جماعت اسلامي بنگلاديش ۽ اسلامي ڇترو شبر تي پابندي لڳائي ويندي.