اسلام آباد (م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ شير افضل مروت پارلياماني پارٽي جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ خاموشي ٽوڙيندي شڪايتون ۽ خدشن جو اظهار ڪيو.
شير افضل مروت چيو ته منهنجي ڪا غلطي نه هئي پر پارٽي ميمبرشپ معطل ڪئي وئي. هن چيو ته منهنجي خلاف بيان ميڊيا جي زينت بڻجڻ لاءِ ڏنا پيا وڃن، حامد خان سميت جيڪو به تنقيد ڪندو ان کي جواب ملندو.
سندس چوڻ هو ته منهنجون شڪايتون باني چيئرمين سان آهن جيڪي پارٽي قيادت تائين پهچائي ڇڏيون آهن. پي ٽي آءِ باني سان ملاقات بابت سوال جي جواب ۾ هن چيو ته اهو ڏکيو سوال آهي، هو به خان آهي، مان به خان آهيان.
You might also like