ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي ۾ جاري گرمي جي لهر ۽ مٿان ڪي اليڪٽرڪ طرفان اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ جي آزار قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان سرفراز احمد کي به هٿ جوڙڻ تي مجبور ڪري ڇڏيو.
قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان پنهنجي آفيشل انسٽاگرام اڪائونٽ تي ڪي اليڪٽرڪ اختيارين کي بجلي بحال ڪرڻ جي اپيل ڪئي.
پنهنجي پوسٽ ۾ سرفراز احمد ڪي اليڪٽرڪ کي درخواست ڪندي لکيو ته ” ڪي اليڪٽرڪ وارئو، بجلي هلايو. “
سوشل ميڊيا تي سرفراز احمد جي ڪي اليڪٽرڪ کي ڪيل درخواست جو اسڪرين شاٽ تيزيءَ سان وائرل ٿي رهيو آهي.