خليل الرحمان قمر جون اڻوڻندڙ وڊيوز وائرل

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) مشهور ڊراما نگار خليل الرحمان قمر جي مبينا اڻوڻندڙ وڊيوز وائرل ٿي ويون.
خليل الرحمان قمر جي مبينا وڊيوز اهڙي وقت ۾ وائرل ٿيون آهن، جڏن هڪ ڏينهن اڳ کيس مبينا طور اغوا ڪري تشدد جو نشانو بڻائيندڙ جوابدار سندس وڊيوز رليز ڪرڻ جي ڌمڪي ڏني هئي.
واضح رهي ته خليل الرحمان قمر جي اغوا ۽ تشدد جو وارو واقعو 20 جولاءِ تي پيش آيو هو، جنهن کان پوءِ ليکڪ جي فريادت تي پوليس ڪيس داخل ڪري کيس ڏٽو ڏيندڙ مرڪزي ملزمه عورت آمنه عروج سميت 12 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو هو.
خليل الرحمان قمر جي سوشل ميڊيا تي وائرل وڊيوز ۾ کيس هڪ عورت سان گڏ نامناسب حالت ۾ ڏسي سگهجي ٿو.
وائرل وڊيوز ۾ خليل الرحمان قمر کي پنهنجي مخصوص انداز ۾ بستر تي سگريٽ ڇڪيندي ڏسي سگهجي ٿو.
خليل الرحمان قمر جي مبينا اڻوڻندڙ وڊيوز پائرل ٿيڻ تي سوشل ميڊيا واهپيادرن جتي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو اتي ڪجهه سوشل ميڊيا صارفين سندس وڊيوز تي دلچسپ تبصرا پڻ ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.