گهوٽڪي پوليس بيوس بڻيل، انصاف ڏيارڻ بدران ابتو متاثرن مٿان ڪيس داخل

ميرپورماٿيلو (رپورٽ: خالد وسير)صوبائي  وزير ڄام اڪرام الله ڌاريجو جي ڀاءُ ڄام ظفرالله ڌاريجو پاران گهوٽڪي ۾ بئنڪ عملي تي تشدد ۽ تذليل جا فٽيج ۽ تصويرون سامهون اچڻ باوجود ڪنهن به نوٽيس نه ورتو، گهوٽڪي ٿاڻي جي حد جو واقعو عادلپور پوليس ڄام ظفر الله ڌاريجو جي وانگارو بڻجي ابتو بئنڪ عملدارن فاروق آرائين ۽ خادم حسين سومرو خلاف ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن، ان سلسلي ۾ متاثر بئنڪ ملازمن جو چوڻ آهي ته  انصاف ملندي نظر نٿو اچي، ڪنهن وڏيري يا ڪاموري جو ڪڪڙ چوري ٿئي ٿو ته ادارا حرڪت ۾ اچي ويندا آھن پر اسان جي تذليل ۽ تشدد جو ڪنهن به نوٽيس نه ورتو آهي، بئنڪ مئنيجر خادم سومرو ۽ فاروق آرائين موجب هر هر تنگ ڪري ڌمڪايو وڃي ٿو. متاثرن پاران صدر، وزيراعظم ۽ چيف جسٽس آف پاڪستان کي نوٽيس وٺي تحفظ ڏيارڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي.

ڄام ظفرالله ڌاريجو خلاف ڪارروائي نه ٿي ته پاڻ ساڙيندس:خادم سومرو

سکر(رپورٽ آزاد مهر) نيشنل بينڪ گھوٽڪي جي اڳوڻي چيف مئنيجر خادم علي سومرو پنھنجي وڪيل ايڊووڪيٽ شفقت سومرو سان گڏ  سکر پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سيپٽمبر 2023 ۾ گھوٽڪي نيشنل بينڪ ۾  مقرر هئس ته  2 ڪاروباري شخصيتن ڄام ظفرالله  ڌاريجو ۽ ظفر الهدي صديقي جن جي وچ ۾ 5 ڪروڙ جي ڏيتي ليتيءَ جو معاهدو طئي ٿيو جنهن ۾ ڄام ظفرالله ڌاريجي ظفرالهدٰي صديقي کي ٻن مھينن لاءِ بئنڪ جي معرفت 5 ڪروڙن جي ٽرانزيشن ڪري لون ڏنو جنھن جا سيڪيورٽي چيڪ لونر کان وصول ڪيا ويا ۽ مقرر ٻن مھينن بعد ظفرالهدي صديقي ڄام ظفرالله ڌاريجو کي ٻه ڪروڙ بينڪ ذريعي  ادا ڪيا 3 ڪروڙ رھجي ويا جنھن ۾ ڄام ظفرالله ڌاريجو مونکي هراسان ڪري منھنجي پٽ   خالد حسين جي اڪائونٽ جو 3 ڪروڙن جو اضافي  سيڪيورٽي چيڪ وصول ڪيو 25 اپريل2024 تي مان نيشنل بينڪ گھوٽڪي جو چيف مئنيجر خان محمد ڀٽو ، نيشنل بينڪ ڪراچي ريجنل آفيس جو مئنيجر فاروق  آرائين ۔ڪاروباري شخصيتون اشوڪ ڪمار ، راجا ڀڳوان داس موجود ھئاسين  ته ظفر صديقي رھيل 3 ڪروڙ بئنڪ جي معرفت ڄام ظفرالله ڌاريجو جي ڌر جي  اڪائونٽ ۾ جمع ڪرايا پرظفرالله ڌاريجي   سيڪيورٽي چيڪ واپس نه ڪيا الٽو پنھنجي پٽ نوشيروان ڌاريجو ، منشي ضمير ڌاريجو ۽ ٻن نامعلوم ھٿياربندن سان گڏجي اسان کي بينڪ اندر ئي تشدد جو نشانو بڻايو موتمار ڌمڪيون ڏيندا هليا ويا جنهن جا سي سي ٽي وي فوٽيجز موجود آهن ڄام وارن عادلپور ٿاڻي  تي اسان جي خلاف ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي اسان کي پوليس کان گرفتار ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اسان ضمانت ڪرائي ورتي ضمانت بعد اسان جاچ پوليس وٽ عادلپور گهوٽڪي ۾ بيان رڪارڊ ڪرائڻ وياسين ته اتي ڄام ظفرﷲ ڌاريجو جا هٿياربند 3 ويگو گاڏين ۾ سوار ٿي آيا ۽ اسان کي ڄام جي بنگلي تي ڳالهين ڪرڻ جو جواز ٻڌائي کڻي تشدد جو نشانو بڻائي، هراسان ڪري زمين تي ويهاري، ڄام جي پيرن تي هٿ رکرائي وڊيوز ٺاهيا ۽ بعد ۾ آزاد ڪيو ويو،خادم  سومرو چيو ته واقعي خلاف گهوٽڪي پوليس اسان جي فرياد نه ورتي ته مان ڊي آء جي سکر کي درخواست ڏني جنهن  فوري ڪاروائي جي هدايت ڪئي پر پوء به تدارڪ نه ٿيو، الٽو نيشنل بينڪ  جي انتظاميا ڀوتارن جي وانگار وهندي مونکي نيشنل بينڪ خيرپور جي چيف مئنيجر جي عهدي تان معطل ڪرائي ڇڏيو آهي جڏھن ته بينڪ جي جاچ رپورٽ ۾ مون خلاف ڪجهه به غلط ثابت نه ٿيو، خادم سومرو نيشنل بينڪ جي اعلي اختيارين، سنڌ حڪومت، آء جي سنڌ کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي اسان کي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪيو وڃي۔خادم سومرو اعلان ڪيو ته جيڪڏهن چئن ڏينهن اندر وائرل ڪيل وڊيو جي معافي نه ورتي ته ايس ايس پي گهوٽڪي جي آفيس ٻاهران پاڻ ساڙيندس جنهجو ذميوار ڄام ظفرالله ڌاريجو ۽ ان جا ساٿي هوندا جڏهن ته پريس ڪانفرنس دوران موجود شھيد دودو سومرو آرگنائيزيشن پاڪستان سنڌ جي جنرل سيڪريٽري نظام دين سومرو پڻ اعلان ڪيو ته ڄام ظفرالله ڌاريجو وائرل ڪيل وڊيو جي سومرابرادري کان معافي وٺي ٻي صورت ۾ سندس خلاف هرفورم تي جواب ڏنو ويندو۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.