اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي اگهن ۾ گهٽتائي کانپوءِ پاڪستان ۾ به پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ لاٿ جو امڪان آهي.
ذريعن موجب، ايندڙ 15 ڏينهن لاءِ في ليٽر پيٽرول 5 رپيا 50 پئسا ۽ ڊيزل 11 رپين تائين سستو ٿيڻ جو امڪان آهي.
اهڙي طرح گاسليٽ 5 رپيا 84 پئسن تائين في ليٽر ۽ لائيٽ ڊيزل جي قيمت ۾ به پنج رپيا في ليٽر تائين لاٿ جو امڪان آهي.
گذريل ڏهن ڏينهن دوران عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچو تيل سستو ٿيو، اوگرا اڄ عالمي مارڪيٽ جي حساب سان قيمتن جو تعين ڪندو.
پيٽروليم شين جي اگهن بابت حتمي سمري اوگرا حڪومت ڏانهن اُماڻيندي، ناڻي وارو وزير وزيراعظم جي هدايتن تي 31 جولاءِ تي پيٽرويلم شين جي نون اگهن جو اعلان ڪندو.
Prev Post
You might also like