ڪراچي: جماعت اسلامي جو گورنر هائوس آڏو ڌرڻو، ٽريفڪ پلان جاري

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ ) ڪراچي ۾ جماعت اسلامي جي ڌرڻي جي اعلان کانپوءِ ٽريفڪ پلان جاري ڪيو ويو آهي.
ٽريفڪ پوليس موجب، ڌرڻي سبب ايوان صدر روڊ منجهند ٽئين وڳي کان فواره چوڪ کان گورنر هائوس گيٽ نمبر هڪ تائين ٽريفڪ لاءِ بند رهندو جڏهن ته شاهين ڪمپليڪس کان پي آءِ ڊي سي ايندڙ ۽ ويندڙ روڊ کليل رهندو.
ٽريفڪ پوليس موجب، ميٽروپول کان ايندڙ ٽريفڪ کي ضياءَ الدين روڊ تي وڃڻ جي اجازت نه هوندي، آرٽس ڪائونسل چورنگي کان ٽريفڪ کي ڪلب روڊ ڏانهن موڙيو ويندو، جڏهن ته جناح برج کان پي آءِ ڊي سي واري پاسي ٽريفڪ جو دٻاءُ هوندو.
شهرين کي ٽريفڪ پوليس طرفان سلطان آباد ٽريفڪ سيڪشن ڪٽ کان مائي ڪولاچي ۽ بوٽ بيسن جو رستو اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئيوئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.