لاهور ( بيورو+م ڊ ) چيف جسٽس پاڪستان کي قتل جون ڌمڪيون ڏيڻ تي تحريڪ لبيڪ پاڪستان جي نائب امير کي گرفتار ڪيو ويو آهي. ذريعن موجب ٽي ايل پي جي نائب امير ظهيرالحسن شاهه کي اوڪاڙا مان گرفتار ڪيو ويو آهي. ظهيرالحسن شاهه اوڪاڙا ۾ نامعلوم هنڌ تي لڪل هو.چيف جسٽس پاڪستان قاضي فائز عيسيٰ کي قتل جي ڌمڪي ڏيڻ تي تحريڪ لبيڪ جي نائب امير پير ظهيرالحسن شاهه تي ڪيس داخل ڪيو ويو هو. لاهور پوليس ڪيس ايس ايڇ او حماد حسين جي مدعت ۾ قلعه گجر سنگهه ٿاڻي ۾ داخل ڪيو جنهن ۾ ٽي ايل پي جي 1500 ڪارڪنن کي به ڪيس ۾ نامزد ڪيو ويو آهي جڏهن ته ڪيس ۾ دهشتگردي جي قلمن، مذهبي منافقت، فساد پکيڙڻ ۽ عدليه تي دٻاءُ وجهڻ جا قلم شامل ڪيا ويا آهن.پوليس موجب ڪيس ۾ اعليٰ عدليه کي ڌمڪي، سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ۽ قانوني فرضن ۾ رنڊڪ وجهڻ جا قلم به شامل ڪيا ويا آهن. پوليس چيو آهي ته پريس ڪلب جي ٻاهران احتجاج ۾ پير ظهيرالحسن اعليٰ عدليه جي خلاف نفرت پکيڙي جنهن تي ٽي ايل پي جي نائب امير سميت 1500 ڪارڪنن تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.