ميروخان ( ن ع آ ) ميروخان لڳ ڳوٺ جمال خان گوپانگ ۾ مبينا گھرو معاملن واري ڳالھ تان ٿيل جھيڙي دوران ننڍي ڀاء سجاد علي گوپانگ طرفان ڪھاڙيون ھڻي وڏي ڀاءُ اختيار گوپانگ کي قتل ڪري ڇڏيو آھي وارثن طرفان واقعي جو اطلاع ڏيڻ بعد ميروخان پوليس ڳوٺ جمال خان گوپانگ واقعي واري ھنڌ پھچي لاش کي پوسٽ مارٽم لاءِ کڻائي تعلقي اسپتال پھچايو جتي ضروري ڪاروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪيو ويو واقعي بعد جوابدار فرار ٿي ويو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو جڏھن ميروخان ٿاڻي تي مقتول اختيار علي گوپانگ جي قتل واقعي جو ڪيس سندس جي ڀاءُ رياض گوپانگ جي فرياد تي سجاد گوپانگ خلاف داخل ڪيو ويو آھي انھي حوالي سان رابطو ڪرڻ تي ميروخان پوليس جي سب انسپيڪٽر غلام عباس سومرو ٻڌيو آھي ته ڳوٺ جمال خان گوپانگ ۾ گھرو معاملي تان قتل ٿي ويل اختيار گوپانگ جي واقعي جو ڪيس وارثن طرفا داخل ڪرايو ويو آھي جڏھن ميروخان پوليس طرفان اختيار گوپانگ جي قاتل جي گرفتاري لاءُ مختلف ھنڌن تي ڇاپا ھنيا پيا وڃن تمام جلد قاتل کي گرفتار ڪيو ويندو.