بجلي مھانگي ڪرڻ ۾ ھر حڪمران جو حصو پتي آھي ؟

آءِ پي پيز مان ڇا مراد آهي ۽ ان جو مطلب ڪھڙو آھي ؟ اھي ادارا عوام کي ڪئين ڦري رھيا آھن ؟ اقتدار ۾ ويٺل جماعتون ڪجھه ڇو نھ ٿيون ڪن ؟ 1994ع  ۾ بينظير ڀٽو لوڊشيڊنگ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ بجلي پيدا ڪرڻ  واسطي  نجي سيڙپڪارن جي 15 انڊپينڊنٽ  پاور ڪمپنيون (آءِپي پي ) کي متعارف ڪرايو ھو. انهن سان معاهدو ٿيو ته اهي ماڻهو بجلي پيدا ڪرڻ لاءِ پاور پلانٽس پاڻ يا پرڏيهي سيڙپڪاري سان لڳائيندا ۽ حڪومت پابند ھوندي تھ انھن پئداواري گنجائش (ويپسٽي پئمينٽس) تحت انهن کان  سموري بجلي خريد ڪري، معاھدي تحت ادائيگي ڊالرز ۾ ڪئي ويندي. يعني جيڪڏهن هڪ IPP جي پيداوار 1500 ميگاواٽ آهي ۽ حڪومت صرف 700 ميگاواٽ بجلي خريد ڪري ٿي ته ادائگي 1500 ميگاواٽ جي هوندي.

ان وقت ڪن سان  14 ڊالر سينٽ في يونٽ ۽ ڪن سان 15 ڊالر سينٽ في يونٽ ريٽ مقرر ٿيو هو. غلام مصطفيٰ کر بينظير ڀٽو جي  دور ۾ بجلي ۽ پاڻي جي وزارت جو انچارج هو. ميان نواز شريف اپوزيشن ليڊر جي حيثيت سان حڪومت جي انھن رٿائن جي مخالفت ڪئي ھئي. هن قوم کي ٻڌايو ته انهن ڪارخانن لڳائڻ جو مقصد عوام کي گھڻي بجلي فراهم ڪرڻ نه آھي بلڪ ڪميشن ۽ ڪڪ بڪس حاصل ڪرڻ آهي، پر جڏهن هو پاڻ اقتدار ۾ آيو ته هن به پاڻي جي ڪنهن منصوبي تي ڪم ڪرڻ بدران انهن آئي پي پيز تي ڌيان ڏنو.

انهن ڪارخانن جي لڳائڻ  جي حقيقت معلوم ڪرڻ لاءِ غلام مصطفيٰ کر جو بيان ڪيل واقعو ٻڌو . ”جڏهن بين الاقوامي ڪمپني جو وفد بنگلاديش ۽ هندستان جو دورو ڪرڻ کان پوءِ اسلام آباد آيو ۽ پاڻي ۽ بجلي واري وزارت جي عملدارن سان هڪ ڏينهن جي ڳالهين کانپوءِ ايم او يو تي دستخط ڪيو ته وفد جي اعزاز ۾ ڊنر ڏنو ويو. غلام مصطفيٰ کر، وفد جي اڳواڻ کان توھان بنگلاديش، ھندوستان ۽ پاڪستان جي سرڪاري عملدارن جي رويي يا  سلوڪ ۾ اوهان ڪهڙو فرق محسوس ڪيو؟

هن چيو ته جيڪڏهن توهان کي برو نھ لڳي تھ مان توهان کي سچ ٻڌائي ڇڏيان. ته اسان پنجن ڏينهن لاءِ ڍاڪا پهتاسين پر ڳالهيون هڪ هفتو جاري رهيون. بنگلاديشي وفد ڪافي ڳالهين  ۽ ڇڏ ڇڏان بعد ساڍا ٽي سينٽ في يونٽ بجلي خريد ڪرڻ تي راضپو ڏيکاريو. ھندوستان  لاءِ هڪ هفتي جي بڪنگ ڪرائي وئي، پر ڳالهيون ڏهه ڏينهن هليون ۽ ھندستاني  اختيارين اڍائي سينٽ في يونٽ جي قيمت تي راضي ٿيون.جڏهن معاملو طئي ٿي ويو ته ھندستاني  وفد جي سربراهه ڪميشن طلب ڪري ورتي.اسين چڪرائجي وياسين تھ ايترو گھٽ اگھھ ۽ ڪميشن جو مطالبو ؟

جڏهن اسان لنوائڻ جي ڪوشش ڪئي ته صاف چيو ويو ته ٺيڪ آهي، ٻيون به ڪيتريون ئي ڪمپنيون ڪانٽريڪٽ ڪرڻ جي لاءِ تيار آهن. اسان مجبوريءَ ۾ انھن جي ڊمانڊ پوري ڪئي. پاڪستان لاءِ پندرهن ڏينهن جو شيڊول ترتيب ڏنو ويو ھو.خيال ھو تھ پاڪستان جي معاشي حالت ڪافي خراب آهي، ان ڪري سخت سوديبازي ٿيندي، پر جڏهن اسين پهتاسين ته ”اسان کي آرام ڪرڻ لاءِ موڪليو ويو. ٻئي ڏينهن، ڳالهين جي شروعات ۾، اسان کان پڇيو ويو ته اسان جي ڪميشن ڪيتري هوندي. اسان ڪڪ بيڪس جي ضمانت ڏني ۽ اگھھ طئي ڪيو ۽ اڄ ئي واپس روانا ٿي وينداسين.“

2002ع ۾  جنرل مشرف 15 وڌيڪ نوان IPPs متعارف ڪرايا. اهي معاهدا به پيپلز پارٽيءَ جي حڪومت جي دور جھڙا ساڳيا هئا، ايئن 2002ع تائين ڪل 30  عدد آءِ پي پيز  بجلي ٺاھڻ بلڪ  ڊالر ڇپائڻ جي انتھائي منافعي واري ڪاروبار ۾ ملوث هئا. 2006ع ۾ جنرل مشرف ۽ وزير اعظم شوڪت عزيز 38 وڌيڪ IPPs ۾ ڊالر ڇاپڻ جا لائسنس ورهايا، جنهن سان IPPs جو انگ 68 ٿي ويو. 2015ع ۾ مسلم ليگ (ن) وڌيڪ 7 سيڙپڪارن کي آءِ پي پيز جا لائسنس جاري ڪيا ۽ ڪل انگ وڌي 75 ٿي ويو، جيتوڻيڪ مسلم ليگ (ن) جا نصب ڪيل پلانٽ ڪوئلي تي هلندڙ آهن، پر اھي بھ پن بجلي جي ڀيٽ ۾ تمام گھڻا مهانگا آهن.

🔴 انهن  سان بھ ساڳي ئي طرح سان معاهدا ڪيا ويا. 2023ع ۾ صورتحال اها آهي ته سڄي ملڪ ۾ انهن آءِ پي پيز کان علاوه واپڊا جي پنهنجي هائيڊرو پاور ۽ ائٽمي ذريعن تحت بجلي پيدا ڪرڻ جي صلاحيت 38 هزار ميگا واٽ تائين پهچي چڪي آهي، پر هن وقت پاڪستان جي ڪل ضرورت 23 هزار ۽ 24 ھزار ميگا واٽ کان وڌيڪ ناهي.  واپڊا جي هائيڊرو پاور جي بجلي جو في يونٽ صرف 3 رپيا 25 پئسن جو آھي، پر واپڊا کي انهن آءِ پي پيز کان جيڪا بجلي وصول ٿئي ٿي ان جي قيمت  80 رپيا في يونٽ آهي.

2013ع کان 2023ع  تائين جي 10 سالن ۾ انهن آءِ پي پيز کي 18 هزار ارب رپين جي ادائگي ٿي چڪي آھي.جنھن ۾ خريد ڪيل بجلي جي قيمت لڳ ڀڳ 9 هزار 650 ارب رپيا آهي، جڏهن ته پيداواري گنجائش جي مد ۾ آءِ پي پيز کي  اٽڪل 8 هزار 350 ارب رپيا ادا ڪيا ويا آهن.جيئن ئي ڊالر جي قيمت مٿي وڌي ٿي، تيئن بجلي به مھانگي ٿي وڃي ٿي. جنهن سبب مالڪ ڪروڙين رپيا ڪمائي رهيا آهن جڏهن ته غريب جي لاءِ بجلي جو بل موت جو پروانو بڻجي ويو آھي.

ڇا اسان بجلي جي بلن تي روئندا ئي  رهنداسين يا انهن جو  احتساب پڻ ڪنداسين، جن پاور پلانٽ لڳايا ۽ پنھنجي ٻوٽي جي ھڪ تڙ لاءِ سموري  ملڪ ۽ قوم کي ڪھي ڇڏيو ؟

ملڪ جا رھواسيو، ھاڻي گهرن ۾ ويهڻ جو وقت  نه آهي پر رستن تي نڪري پنهنجا حق گهرڻ جو وقت آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.