منهنجي ڪالم لکڻ جو سفر

تحرير: ياسر قاضي

مضمون يا آرٽيڪل لکڻ بيحد سئولي ڪرت آهي.ڪالم لکڻ انتهائي ڏکيو ڪم آهي. ڪالم جي تڪنيڪي اُڻت ۽ لکڻ جو انداز ۽ ”ٽون“ ته قادرالقلم نڀائي به وڃي، پر هر هفتي ڪنهن مخصوص موضوع تي، مخصوص ڏينهن تي لکڻهار طور، پڙهندڙ سان رابطي ۾ رهڻ هڪ بيحد پابنديءَ وارو معمول آهي، جنهن کي سفر توڙي حضر ۾ هر حال ۾ نڀائڻو پوي ٿو، جيڪو هڪ ذميواريءَ جو ڪم آهي ۽ ظاهر آهي ته هر هفتي نئين موضوع تي لکڻ لاءِ اوهان کي پورو هفتو هر وقت موضوع جي تلاش ۾ سرگردان به رهڻو پوي ٿو.

مون زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو ڪالم يونيورسٽيءَ ۾ پڙهڻ دؤران، ”يونيورسٽي ڊائريءَ“ جي عنوان سان روزاني ”سنڌ“ حيدرآباد لاءِ لکيو، جيڪو لکڻ لاءِ مون کي ”سنڌ“ اخبار جي تڏهوڪي ايڊيٽر ڪامريڊ صالح بلُوءِ همٿايو. تڏهن مون کي پوريءَ ريت اها خبر به ڪانه هئي ته ”اخباري ڪالم“ ٿيندو ڇاهي! تڏهن مان قائدِ عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاهه ۾ انجنيئرنگ جي ٽئين سال جو شاگرد هئس ۽ پڙهڻ سان گڏ شوقيه صحافت جو آغاز ڪري چڪو هئس. هي ڪالم فقط منهنجي پنهنجي يونيورسٽيءَ جي سرگرمين تي ٻڌل هوندو هو ته ڪيمپس ۾ ڇا وهيو واپريو، ڪهڙيون ڪهڙيون سرگرميون ٿيون، ڪهڙي بئچ جي داخلا ٿي، ڪهڙي بئچ پاس آئوٽ ڪيو، ڪهڙو امتحان ٿيو، ڪنهنجو سيميسٽر ٿيڻ وارو آهي وغيره… وغيره… هي ڪالم هر آچر واري اخبار ۾ شايع ٿيندو هو.

هي ڪالم 1999ع ڌاري کان 2000ع تائين سال ڏيڍ سال هليو. جڏهن مون يونيورسٽيءَ مان ڊگري وٺي پاس آئوٽ ڪيو ته ان ڪالم جو سلسلو پنهنجو پاڻ بند ٿي ويو.

منهنجو ٻيو باضابطه ڪالم روزاني ”هلال پاڪستان“ اخبار جي شوبزنس صفحي لاءِ هو. ان صفحي جو نالو ته ياد ڪونهي، پر اهو صفحو اربع واريءَ اخبار ۾ ڇپبو هو. ٽيليويزن توڙي فلم جي دنيا جون خبرون، مضمون توڙي شوبز جي شخصيتن جا انٽرويو هن صفحي جي زينت بڻبا هئا. ان دؤر ۾ جُزوقتي ڪمپئر جي حيثيت سان مان ريڊيو پاڪستان لاڙڪاڻي سان سلهاڙجي چڪو هئس ۽ ان ناتي مون سوچيو ته ريڊيو به شوبزنس جو اهم حصو آهي، ته هن صفحي تي ريڊيي بابت خبرون ۽ مضمون ڇو نٿا شايع ٿين.

ان جذبي تحت مون ان ۾ راضاڪارانه طور هفتيوار ڪالم لکڻ شروع ڪيو، جنهن جو عنوان هو: ”ڳالهيون ريڊيو نگريءَ جُون“ هي به 1998ع يا 1999ع ڌاري جي ڳالھه آهي ۽ تيستائين ملڪ ۾ اڃا خانگي ٽي وي توڙي ريڊيو چينلن جو انقلاب ڪونه آيو هو ۽ ”ريڊيو نگريءَ“ مان مراد سنڌ جُون فقط چار سرڪاري ريڊيو اسٽيشنون (ڪراچي، حيدرآباد، خيرپور ۽ لاڙڪاڻو) ئي هئي. ان وقت تائين اڃا ريڊيو پاڪستان مٺي ۽ ڀٽ شاھ جو به ڪوئي وجود برپا ڪونه ٿيو هو. سو منهنجو اهو ڪالم انهن چئني اسٽيشنس جي واءَ سواءَ تي ٻڌل هوندو هو، ته ڪهڙي اسٽيشن تي ڪهڙا نوان پروگرام شروع ٿيا… ڪهڙي ريڊيو اسٽيشن تي ڪير نئون پروڊيوسر ٿي آيو، ڪنهن جي الوداعي دعوت ٿي، ڪنهنجو پروموشن ٿيو… ڪٿي ڪهڙي تقريب ٿي گذري… ڪهڙي اسٽيشن تي ڪهڙي سرڪاري عملدار يا وزير مشيرَ دؤرو ڪيو وغيره… مطلب اهو حال احوال هوندو ته هڪ ئي شعبي جي خبرن چارن بابت هو، جنهنجو ’اسڪوپ‘ به محدود هو، پر ان شوبزنس جي صفحي ۾ جيئن ته ان ئي رنگ جي ڪمي محسوس ٿيندي هئي، ته اهو ڪالم ان صفحي کي موضوعاتي لحاظ کان ’بيلنس‘ ڪرڻ ۾ معاون ثابت ٿيو ۽ ظاهر آهي ته ان شعبي بابت اهو ئي ماڻهو لکي ٿي سگھيو، جنهن جو ان شعبي سان تعلق هجي. سو منهنجو اهو ڪالم لکڻ اخبار وارن توڙي مون، ٻنهي لاءِ هڪ جيتري فائدي واري ڳالھه هئي.

مان پنهنجو باضابطه پهريون ڪالم ”عوامي آواز“ لاءِ لکيل ”دل جُون ڳالهيون“ کي سمجھان ٿو، جيڪو 2001ع ۾ شروع ته مون پنهنجي مرضيءَ سان ڪيو هو، پر ان کي جاري رکڻ ۽ دير تائين شايع ڪرڻ ۾ منهنجي دوست، ”عوامي آواز“ جي تڏهوڪي سب ايڊيٽر ۽ ايڊيٽوريل صفحي جي انچارج (۽ هاڻوڪي ايڊيٽر) زرار پيرزادي جي همت افزائيءَ جو وڏو هٿ هو، جيڪو منهنجا ”انگلَ“ نه کڻي ها ته مان اهو ڪالم گھڻو عرصو جاري نه رکي سگھان ها. هي ڪالم موضوعاتي گھڻ رنگائيءَ جي حوالي سان سياسي، سماجي، ثقافتي، ادبي، آرڪيالاجيڪل، اينٿراپالاجيڪل ۽ تاريخي سميت مختلف موضوعن تي ٻڌل هوندو هو، ڪڏهن ڪڏهن اهو منهنجي ڪنهن سفر جي سفر ــ ڪٿا به هوندو هو ته ڪڏهن ڪنهن شخصيت جي پروفائيل تي ٻڌل پڻ هوندو هو. ان ڪالم لکڻ ۾ زرار جيڪا مون کي تخليقي آزادي ڏني، ان مون کي کُلي لکڻ جو موقعو ڏنو ۽ هي ڪالم لکڻ  سان دراصل صحيح معنيٰ ۾ منهنجي ڪالم لکڻ جي مشق به ٿي ۽ پڙهندڙن جي هڪ وسيع حلقي منهنجي ان ڪالم کي ڊگھي عرصي تائين پڙهيو به ۽ انتهائي همت افزائيءَ ۽ عزت افزائيءَ واري موٽ به ڏني. مان ڀُلجان نٿو ته اهو ڪالم مون لڳ ڀڳ چئن سالن کان مٿي لکيو. جنهن وچ ۾ 2002ع واري جنرل مشرف جي ڪرايل اليڪشن وارن مهينن دؤران لکيل منهنجا سياسي تجزيا پڻ ان ڪالم جو مک حصو رهيا. ان ڪالم جا مک مضمون کڻي به مان مرتب ڪيان ته گھٽ ۾ گھٽ منهنجي ڪالمن جا رڳو ٻه ڪتاب ”دل جُون ڳالهيُون“ تي ٻڌل هوندا.

مزي جي ڳالھه ته مان ان وچ ۾ ”عوامي آواز“ لاءِ ٻيا مضمون به لکندو رهيس، ته ان جي ٻارن جي هفتيوار صفحي ”جوت“ (جيڪو پڻ زرار ايڊٽ ڪندو هو) لاءِ پڻ نثر، نظم جي ليکڪ طور توڙي اسڪيچ آرٽسٽ جي حيثيت ۾ به پنهنجيون خدمتون انجام ڏيندو رهيس.

سنڌيءَ کان هٽي ڪري اردوءَ ۾ ڪالم لکڻ لاءِ مون کي اردوءَ جي سينيئر صحافي محترم الطاف مجاهد همٿايو، جڏهن هو روزاني ”نوائي وقت“ ۾ ڊسٽرڪٽ ايڊيٽر هو. مون سندس چوڻ تي 2015ع ۾ ”نوائي وقت“ ۾ ”اگر، مگر، مُبادا“ جي عنوان سان اردو ڪالم لکڻ شروع ڪيو، جنهن جا موضوع 90 سيڪڙو کان وڌيڪ سنڌ جي تاريخ، تهذيب، تمدن، ٻولي، ادب، آرٽ، ماضيءَ توڙي حال تي ٻڌل هوندا هئا، بلڪ ان ڪالم جو مقصد ئي سنڌ بابت غير سنڌين کي گيان ڏيڻ هو، جنهن ۾ مون کي توڙي مجاهد صاحب ٻنهي کي گھڻيءَ حد تائين ڪاميابي پڻ حاصل ٿي. هي ڪالم به مون ٻه سال کن 2017ع تائين لکيو ۽ ان سلسلي ۾ 100 جي لڳ ڀڳ ننڍن وڏن موضوعن تي مون قلم آزمائي ڪئي.

تازو ئي مون آگسٽ 2017ع کان جنوري 2024ع تائين ساندهه لڳ ڀڳ ساڍا ڇھه سال ”عوامي آواز“ جي ايڊيٽوريل صفحي لاءِ روزانو قطعو (چؤسٽو) پئي لکيو آهي، جيڪو لکڻ جي دعوت به پياري زرار پيرزادي ئي اهو چئي ڏني هئي ته ”عوامي آواز ۾ مقصود گل صاحب وڏي عرصي تائين حالاتِ حاضره تي ٻڌل روزانو چؤسٽو ۽ ڪي سال روزانو بيت لکيو. جي اوهان قطعو لکندئو ته ايئن لڳندو ته مقصود گل صاحب چؤسٽي لکڻ جو اهو سلسلو بند ئي ناهي ڪيو!“ جنهن ڏينهن زرار اها آڇ ڪئي، مون ان ئي شام کان ”عوامي آواز“ ۾ چؤسٽي لکڻ جي شروعات ڪئي، جيڪا 17 جنوري 2024ع تائين بنا وٿيءَ جي جاري رهي. ڪجھه مهينا اڳ مون ذاتي سببن جي ڪري ”عوامي آواز“ ۾ چؤسٽي لکڻ کان معذرت ڪئي هئي.

ڪجھه ڏينهن اڳ زرار صاحب اوچتو مون ڏانهن وقتائتو ’دام‘ اڇلايو ۽ برقي نياپو مُنجيو ته ”اوهان کي ’عوامي آواز‘ ۾ هفتيوار ڪالم لکڻ جي دعوت ڏجي ٿي!“ پيارو زرار نبض شناس آهي. هُن شايد صحيح وقت تي دام وڌو، جو مان نهڪر نه ڪري سگھيس ۽ فوراً هامي ڀري چيومانس ته ”ڏينهن ٻڌايو. ڪهڙي ڏينهن لکڻو آهي!؟“ هن شريف ماڻهوءَ اهو به منهنجي صوابديد تي ڇڏيو ته مان جنهن به ڏينهن تي واندو هجان، ان ڏينهن کيس ڪالم موڪليان. سو هاڻي منهنجي هن هفتيوار ڪالم ’ڊپارچر لائونج‘ لکڻ يا لکرائڻ جو ڪريڊٽ ڪنهن کي ٿو وڃي، اهو اوهان پاڻ فيصلو ڪجو، پر مان هن موقعي کي غنيمت سمجھندي اهو سمجھان ٿو ته هي ڪالم لکڻ جي ڪرت مان جيترو عرصو به نڀائي سگھيس، هڪ ته پابنديءَ سان لکڻ جو معمول جُڙندو… ٻيو ته ان بهاني سان مون کي ڪي نوان موضوع ”ايڪسپلور“ ڪرڻ جو موقعو ملندو، جن کي شايد مون پهريان نه ڇهيو هجي!

نوٽ : اسان کي اھو اعلان ڪندي بيحد سرھائي محسوس ٿي رھي آھي ته سينئر ۽ ناليواري اديب ,شاعر ,براڊ ڪاسٽر ,ٽي وي ريڊيو جي مشھور ڪمپيئر ۽ ڪالم نگار ياسر قاضي صاحب عوامي آواز لاء ھفتيوار ڪالم لکڻ تي راضپو ظاھر ڪيو آھي .اوھان اڄ کان ” ڊپارچر لائونج ” جي سري ھيٺ سندس ھي پرمغز ڪالم ھر ھفتي اڱاري جي ڏينھن تي پڙھي ۽ محظوظ ٿي سگھندئو ( ادارو )

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.