26 جولائي 2024 جي روزاني عوامي آواز اخبار سال 2022 واري ٻوڏ ۾ سنڌ جي آبپاشي کاتي، سنڌ حڪومت، پراونشل ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن جي نااهلي، بي حسي ۽ بدترين ڪارڪردگي بابت هڪ تفصيلي ۽ ڏاڍي اهم رپورٽ شايع ڪئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته سال 2022 واري مها ٻوڏ دوران ڪاڇي جي تاريخي شهر فريد آباد تي ٻوڏ جي پاڻي جو دٻاءُ وڌڻ سبب فريد آباد شهر جي ٻڏڻ جو خطرو ٿي پيو جنهن کي بچائڻ لاءِ آبپاشي کاتي جي ڪامورن طرفان ايف پي بچاءُ بندن کي ٻن هنڌن ڳوٺ صابو ٻرڙو ۽ مارو ٺل وٽان ڪٽ ڏئي حمل ڍنڍ جو پاڻي ڇنڊڻ موري ذريعي منڇر ڍنڍ ۾ ڇوڙ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته ڇنڍڻ موري جي ٻنهي پاسن ۾ موجود ڳوٺن ۽ زرعي فصل کي خطرو پيدا ٿي پيو جنهن بعد ڇنڊڻ جي ٻنهي پاسي بندن کي ڪٽ ڏئي پاڻي کي سپريو بند جي وٽ سان منڇر ۾ نيڪال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته سپريو بند کي هڪ سياسي ڌر جي بااثر طرفان سپريو بند کي خان جي ڳوٺ وٽان لڳايل لول پائيپن سبب گهارو پئجي ويو ۽ پاڻي جو رخ ميهڙ شهر طرف ٿي پيو اهڙي صورتحال سبب آبپاشي کاتي وارن ميهڙ/فريدآباد روڊ کي ڳوٺ قائم جتوئي کان فريد آباد تائين مختلف هنڌن تي 7 کان وڌيڪ ڪٽ ڏنا ته پاڻي جو دٻاءُ ڪي اين شاهه مٿان ٿي پيو جنهن کي بچائڻ لاءِ ڪي اين شاهه/ماڏو روڊ کي ڪٽ ڏنا ويا.
پاڻي جي گهڻي دٻاءُ ۽ حڪومتي بي حسي سبب ڪي اين شاه شهر 2010 جي ٻوڏ جيان وري به ٻڏي ويو. سال 2022 واري ٻوڏ سبب ڪي اين شاه، ٺري ميرواهه ۽ جهڏي شهر سميت اڌ کان وڌيڪ سنڌ جي ٻڏڻ پٺيان حڪمران پارٽي جي ڪرپٽ مافيا جا ناجائز مفاد هئا. حڪمرانن عالمي ادارن کان امداد حاصل ڪرڻ لاءِ ڪي اين شاه شهر سميت سنڌ کي ٻوڙايو ۽ ڪي اين شاه مان ته ٻوڏ جو پاڻي به ان ڪري دير سان ڪڍيو ويو ته جيئن عالمي ادارن کان جيتري امداد ٻوڏ متاثرن جي نالي ۾ وٺي سگهجي سا وٺون ۽ اها کربين رپيا امداد ورتي وئي ۽ به ٻوڏ متاثر دربدر آهن.
سال 2022ع جي ٻوڏ دوران سنڌ ۾ لکين ماڻهو بي گهر ٿيا. هزارين گهر ڊهي پٽ پئجي ويا. خود سنڌ سرڪار جي ماتحت اداري پراونشل ڊزاسٽر مينجمينٽ اٿارٽي موجب سنڌ جون ڪل 1330 يوسيون 2022 جي ٻوڏ سبب متاثر ٿيون، 3.78 ملين لڳ ڀڳ 35 لک ايڪڙ کان وڌيڪ فصل پاڻي هيٺ آيو، 4 لک 36 هزار چوپائي مال جو نقصان پهتو، 20 لک کان وڌيڪ خاندان دربدر ٿيا، ياد رهي ته 20 لک خاندان في خاندان جيڪڏهن 6،7 يا 10 ڀاتي حساب لڳائجي ته انگ ڪيترو ٿيندو.
سال 2022 جي ٻوڏ سبب سنڌ جا هڪ ڪروڙ 20 لک کان وڌيڪ ماڻهو دربدر ٿيا ۽ 21 لک کان وڌيڪ گهر ڊهي پٽ پئجي ويا. اهي انگ اکر ته خود سنڌ سرڪار جا آهن پر حقيقت ان کان ڪجهه وڌيڪ آهي. ڪي اين شاهه شهر مڪمل طور تي ٻڏي ويو هو، جنهن سبب اتان جي ماڻهن لڏپلاڻ ڪري حيدرآباد، ڪراچي سميت ٻين شهرن ۾ رهائش اختيار ڪئي. اتي به سنڌ سرڪار ٻوڏ متاثرن لاءِ نه ٽينٽ سٽي قائم ڪئي نه ئي کين ڪا سهولت، ڪا امداد فراهم ڪئي. جڏهن اوچتو سرڪار رات جي وقت ٻوڏ جو اعلان ڪيو ته ماڻهن ۾ دانهون ۽ ڪوڪون پئجي ويون. تڪڙ ۾ ماڻهو گهرن ۾ سامان ڇڏي پنهنجي جان بچائڻ لاءِ شهر خالي ڪري ڀڄڻ لڳا. مائرن جي ڪڇين تي معصوم ٻار هئا، معذور، پوڙها عورتون پريشاني جي عالم ۾ هئا. ڪي اين شاهه ۾ ان وقت قيامت جو منظر هو. وارهه شهر کي ڪيترن ئي هنڌن تان گهارا لڳا جنهن سبب وارهه جو اڌ شهر پاڻي هيٺ اچي ويو. وارهه شهر تقريبن خالي ٿي ويو. ماڻهو ٻوڏ جي خوف سبب محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿي ويا.
پيپلز پارٽي حڪومت هٿ وٺي سڄي سنڌ ۾ تباهي آندي. ٻوڏ کان پوءِ سنڌ حڪومت بندن جي مرمت لاءِ اربين روپيا پڻ جاري ڪيا جيڪي ڪرپشن جي ور چڙهي ويا ۽ بندن جو ڪم نه ٿيو. هڪ رپورٽ موجب سنڌ سرڪار 30 کان 35 ارب بندن جي مرمت لاءِ رکيا پر اها ايڏي رقم سنڌ جي آبپاشي کاتي جي ڪرپشن جي ور چڙهي وئي. بندن جا پئسا ڪرپشن جي ور چڙهي وڃڻ سبب هيڏو عرصو گذري وڃڻ باوجود اڃان تائين بند مضبوط نه ڪيا ويا آهن.
هڪ دفعو ٻيهر سنڌ ۾ ٻوڏ جو خطرو پيدا ٿي ويو آهي، برساتن جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي جيڪڏهن برساتن پوڻ ۽ دريائي وهڪرن ۾ چاڙهه سبب هڪ دفعو ٻيهر سنڌ ۾ خطرو آهي ۽ سنڌ حڪومت جي ڪاڪردگي اها آهي جو 2022 واري ٻوڏ جا ئي کنڊ اڃان تائين بند نه ڪيا ويا آهن. سنڌ حڪومت ڪابه ذميواري محسوس نٿي ڪري ته سنڌ ۾ رهندڙ هر ماڻهو کي جاني ۽ مالي تحفظ ڏيڻ قانوني طور تي ڪو سنڌ حڪومت جي ذميوار آهي. سنڌ ۾ هٿرادو ٻوڏ آڻي لکين ماڻهن کي ٻوڙائي دربدر ڪيو وڃي ٿو، سالن کان وٺي کنڊ بند نٿا ٿين، امداد جي نالي ۾ کربين رپيا حڪمران هڙپ ڪري ڇڏين ٿا.
سال 2022 جي ٻوڏ سبب سنڌ جا هڪ ڪروڙ 20 لک کان وڌيڪ ماڻهو دربدر ٿيا ۽ 21 لک کان وڌيڪ گهر ڊهي پٽ پئجي ويا. اهي انگ اکر ته خود سنڌ سرڪار جا آهن پر حقيقت ان کان ڪجهه وڌيڪ آهي. ڪي اين شاهه شهر مڪمل طور تي ٻڏي ويو هو، جنهن سبب اتان جي ماڻهن لڏپلاڻ ڪري حيدرآباد، ڪراچي سميت ٻين شهرن ۾ رهائش اختيار ڪئي. اتي به سنڌ سرڪار ٻوڏ متاثرن لاءِ نه ٽينٽ سٽي قائم ڪئي نه ئي کين ڪا سهولت، ڪا امداد فراهم ڪئي.