آمريڪي سينيٽ ۾ ريپبلڪن ميمبر طرفان پاڪستان ۽ چين مخالف بل پيش ڪيو ويو آهي.آمريڪي سينيٽ ۾ پيش ڪيل بل ۾ چين جي وڌندڙ اثر رسوخ ۽ پاڪستان طرفان ڄاڻايل خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڀارت جي مدد جو واعدو ڪيو ويو آهي.ريپبلڪن سينيٽر مارڪو روبيو طرفان پيش ڪيل بل ۾ آمريڪا تي ڀارت سان گڏ اسرائيل، ڪوريا، جپان ۽ نيٽو جهڙن اتحادين جهڙو ورتاءُ ڪرڻ تي زور ڏنو ويو آهي.
بل ۾ ڀارت جي خلاف مبينا قدمن تي پاڪستان جي امداد روڪڻ ۽ ڪانگريس کي آگاهه ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.پاڪستان جي چين سان تعلق داري ۽ واسطا ختم ڪري پنهنجو پاڻ کي آمريڪا جي حوالي ڪرڻ واري ڪاروبار ۽ هڪ آزاد ملڪ ۽ آزاد قومن کي غلام بنائڻ لاءِ وڌيڪ جيڪي سفارتي ۽ مالياتي فنڪار ميدان ۾ لٿل آهن انهن جا منصوبا ۽ ڳالهيون به ٻڌڻ ۽ ڏسڻ وٽان آهن ته اسان ۽ اسان جي ملڪ سان ڇا ڪجهه ٿيڻ وڃي رهيو آهي؟.
ڏکڻ ايشيا بابت آمريڪا جي اسسٽنٽ اسٽيٽ سيڪريٽري ڊونلڊ لو جو عجب فرمان آهي ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي حوالي سان چين ماضي آهي ۽ اسان مستقبل آهيون. جڏهن ته، اها به حقيقت آهي ته، پاڪستان جي پنهنجي قيام بعد سموري تاريخ ۾ اسان جي ملڪ جا سڀ کان وڌيڪ تعلقات آمريڪا سان ئي رهيا آهن پر هن ملڪ طرفان ڪڏهن به پاڪستان سان وفا نه ڪئي ويئي آهي پر اسان جي ملڪ کي هميشه ٽشو پيپر وانگر استعمال جي شيءَ وانگر پنهنجي جنگي مقصدن لاءِ اڏي طور استعمال ڪري پاڙيسري ملڪن ۽ ٻين عالمي طاقتن سان ويڙهائي ۽ انهن جو شڪار بڻائي بي يارو مددگار ڇڏي ڏيڻ واري هڪ ڊگهي تاريخ ضرور رهي آهي شايد انهن مقصدن ۽ خدمتن جو وري ورجاءَ ٿيڻ وڃي رهيو آهي. يعني سامراج جي نئين منصوبي موجب اسان جي ملڪ کي هن بعد ساڻو ٿي ڪرڻ تي به ڪو پاڙيسري پاڻي پيارڻ وارو يا منهن تي ڇنڊا هڻڻ وارو به نه هجي.
پاڪستان جو آءِ ايم ايف سان 7 ارب قرض پروگرام لاءِ اسٽاف ليول معاهدو ٿيڻ وارو آهي، ان ۾ حڪومت آڏو سخت شرط رکيا ويا آهن،آءِ ايم ايف پاران رکيل ٻه شرط ته پاڪستان کي هر صورت ۾ پورا ڪرڻا پوندا، پهريون شرط اهو آهي ته پاڪستان جيڪڏهن چين کان قرض وٺندو ته ان جي آءِ ايم ايف کان منظوري به وٺندو ٻيو ته سي پيڪ جي حوالي سان جيڪي به رٿائون شروع ٿينديون انهن جي مقامي طور سيڙپڪاري ۽ ٻاهرين سيڙپڪاري، فزيبلٽي رپورٽن ۽ معاهدن سميت انهن جي منظوري وٺڻي پوندي، پاڪستان انهن شرطن تي راضپو ظاهر ڪيو آهي. يعني قرض تي ڳرا وياج ڀرڻ ۽ قوم تي وڌ ۾وڌ ٽيڪس لاڳو ڪرڻ ۽ ملڪ جي سياسي حڪومتن کي پنهنجن حڪمن جو پابند غلام بنائڻ بعد هاڻي قوم جو حال ۽ مستقبل به قرضين جي شرطن ۽ رحم ۽ڪرم تي ڇڏيو ويندو؟.
نيويارڪ ۾ رهندڙ سينئر صحافي جناب رضا رومي پنهنجي جاري ڪيل هڪ تازي رپورٽ ۽ تبصري ۾ ڄاڻايو آهي ته، آمريڪا جي ڪوشش آهي ته پاڪستان جي چين سان دوستي ختم ٿي وڃي، ڊونلڊ لو جو اهو بيان ته ”چيني سيڙپڪاري ماضي جو قصو آهي“ تمام اهم آهي،آمريڪا اهو پيغام ڏنو آهي ته آءِ ايم ايف پروگرام جاري رکڻو آهي، عالمي سفارتي ويهڪ ۾ رهڻو آهي ته اسان جو ساٿ ڏيو، جيڪڏهن مارشل لا ۽ ايمرجنسي وغيره لڳائڻي آهي ته اها به ان صورت ۾ قبول هوندي ته توهان چين سان بلڪل منهن ڦيريو، ٻئي پاسي پاڪستان لاءِ چين جو ساٿ ڇڏڻ مشڪل آهي، چين پاڪستان کي سڀ کان وڌيڪ هٿيار ڏئي ٿو ۽ قرض به ڏئي رهيو آهي. جڏهن ته ٻئي پاسي آمريڪا، پاڪستان ۾ وڌندڙ سياسي انتشار سبب حڪومت طرفان جيڪڏهن ملڪ ۾ ايمرجنسي لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ٿو وڃي ته ان عمل تي پنهنجون اکيون ۽ ڪن بند رکڻ جي پڻ پيش ڪش ڪري رهي آهي. ٻي صورت ۾ حڪومت جون متيون منجهائڻ۽ ان جي خلاف انساني حقن ۽ عالمي انصاف جي مختلف حوالن تحت ڪارروائيون پڻ ڪري سگهجن ٿيون.
دنيا۾ ستون نمبر وڏن زرخيز خطن وارن ملڪن ۾ شامل پاڪستان جنهن جي باصلاحيت ۽ محنتي قومن جي ملڪ هجڻ غربت جي باوجود دنيا جون وڏيون فوجون رکندڙ ۽ ايٽمي ملڪ پاڪستان جيڪو هن وقت پنهنجي بدحالي، غربت، معاشي بحرانن ۽ سياسي ۽ سماجي بدنظمي ۽ انتشار سبب دنيا ۾ گهڻو بدنام ٿيل آهي ۽ عالمي مالياتي ادارن جي سڀ کان وڌيڪ آسان شڪار گاهه بڻيل آهي جتي معمولي قرضن تي ڳرن وياجن جي وصولي ۽ ملڪ جا وسيلا گروي رکڻ ۽ ايتري تائين جو حڪومتن جا بجيٽ پڻ پنهنجي منظوري سان جاري ڪرڻ ۽ منظور ڪرائڻ واري يادگار غلامي پاڻ تي لاڳو ڪري چڪو آهي ۽ سموري قوم اها ڀوڳي رهي آهي.
ھوڏانهن، سنڌ صوبي لاءِ هڪ خوشخبري ايشيائي ترقياتي بئنڪ پاڪستان لاءِ چاليهه ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري ڏئي ڇڏي.ايشيائي ترقياتي بئنڪ طرفان پاڪستان لاءِ چاليهه ڪروڙ ڊالر قرض جي منظوري ڏني وئي آهي، اِها رقم پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرن جي گهرن، انفراسٽڪچر جي اڏاوت تي خرچ ٿيندي، منصوبي تحت سنڌ ۾ صحت جون بنيادي سهولتون بحال ڪيو وينديون. ايشيا ترقياتي بئنڪ موجب، 2022ع ۾ ٻوڏ سبب پاڪستان ۾ ٽي ڪروڙ ٽيهه لک کان وڌيڪ آبادي متاثر ٿي، 21 لک گهر مڪمل يا جزوي طور تباهه ٿيا. ايشيائي ترقياتي بئنڪ جو چوڻ آهي ته ٻه سال گذري وڃڻ باوجود ٻوڏ متاثر عارضي گهرن يا شيلٽرز ۾ رهڻ تي مجبور آهن. شڪرآهي ته درد وندي جو ڪو ته درمان ٿيو ۽ ڊگهي انتظار بعد ماروئڙن لاءِ به چڱائي واري پاسي جو ڪو در ته کليو.
ملڪ کي لاڳو ڳڻتي واري سياسي ۽ معاشي ۽ گهڻ پاسائين وڪوڙيل صورتحال ۾ ظاهري طور تي نظرائين اچي رهيو آهي ته شايد اسان جو ملڪ مختلف قسم جي غلامين مان نسلن تائين آجو ۽ آزاد ٿي نه سگهندو، هر پاسي تمام گهڻي مايوسي پکڙيل آهي پر عجيب ڳالهه آهي ته دنيا ۾ هڪ اهڙو ملڪ به آهي جيڪو اسان مان وڏيون اميدون رکي رهيو آهي ۽ پاڪستان جو شاندار مستقبل ڏسي رهيو آهي. يورپ جي اڳوڻي سوشلسٽ ملڪ هنگري جي وزيراعظم وڪٽر اوربن اڳڪٿي ڪئي آهي ته مستقبل ۾ پاڪستان عالمي طاقتن ۾ شامل هوندو.هنگري جي وزيراعظم وڪٽر اوربن رومانيا ۾هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ خطاب به ڪيو، هن چيو ته عالمي نظام تبديلي ڏانهن وڌي رهيو آهي ۽ عالمي نظام ۾ تبديلي جو عمل ايشيا کان شروع ٿيڻ وارو آهي.سندس چوڻ هوته مستقبل ۾ عالمي طاقت اولهه کان اوڀر ۽ روس ڏانهن منتقل ٿي ويندي، ايندڙ ڪيئي ڏهاڪا شايد صدين ۾ ايشيا دنيا جو غالب مرڪز هوندو ۽ چين، ڀارت، پاڪستان ۽ انڊونيشيا دنيا جون وڏيون عالمي طاقتون هونديون.هن چيو ته عالمي نظام جي تبديلي به پنج سئو ورهين تي ٻڌل رهي آهي، اولهه جي اميدن جي ابتڙ هاڻي هر ڪوئي روس جي حمايت ڪري رهيو آهي، چين، اتر ڪوريا سان گڏ هاڻ ايران ۽ ڀارت جا به روس سان سٺا لاڳاپا آهن، نيٽو جو رڪن هئڻ باوجود ترڪيه به روس سان گڏ آهي، مسلم دنيا به هاڻ روس کي دشمن بدران اتحادي سمجهي ٿي.ياد رهي ته وڪٽر اوربن مسلسل 14 ورهين کان هنگري جو وزيراعظم آهي ۽ پنهنجي پارٽي جو سربراهه آهي. واهه سائين واهه خدا خوش رکي هنگري جي وڏي دل واري ليڊر جناب وڪٽر اوربن کي جنهن گهٽ ۾گهٽ اسان ۾ روحاني طور روح ڦوڪڻ ۽ اخلاقي طور طاقت ڏيڻ وارو جيڪو ڪم ڪيو آهي ان بابت اسين سندس سدائين ٿورائتا رهنداسين. اهڙي دور ۾جڏهن دنيا ۾ اسان جو ڪير به همدرد ۽ پنهنجو ٿيڻ لاءِتيار نه هجي ته اهڙي ڪوفي دور ۾ هنگرين قوم جي ليڊر ۽ وزير اعظم طرفان ائين اسان جي ملڪ لاءِ خير سگالي جي جهڙي ريت جذبن ۽ اميدن ڀرئي جذبن جو جهڙي ريت وزنائتو اظهار ڪيو آهي ان لاءِ تمام گهڻو احسان مند محسوس ڪري رهيو آهيان ۽ ڪڏهن سندس اهي ٿورا لاهڻ جاموقعا مليا ته اهي لاهڻ لاءِ جيڪي ممڪن بڻجي سگهيو ڪرڻ پنهنجي لاءِ عزت افزائي هوندي ممڪن ٿي سگهيو ۽ ڪڏهن هنگري وڃڻ جو موقعو مليو ته هنگري جي هن عظيم ليڊر جناب وڪٽر اوربن جي آفيس ۾ وڃي کيس گل پيش ڪبا ۽ جي پاڪستان جي دوري تي آيو ته سندس محفل ۾ وڃي ديدار ڪبو ۽ روبرو کيس گل پيش ڪبا يا پاڪستان ۾ هنگري جي سفارتخاني وڃي اتي سفير يا سفارتڪارن کي پنهنجن نيڪ جذبن جي اظهار سان گڏ ”ڳاڙهن گلن“جا نذرانا ضرور پيش ڪبا.